آءِ ايم ايف وفد 25 سيپٽمبر تي ايندو، سنڌ سان به ڳالهيون ٿينديون

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ٻئي اقتصادي جائزي لاءِ شيڊول طئي ٿي ويو، ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو وفد 25 سيپٽمبر کان 8 آڪٽوبر تائين دوري تي ايندو، پهرين مرحلي ۾ ٽيڪنيڪل ۽ ٻئي مرحلي ۾ پاليسي سطح جون ڳالهيون ٿينديون، آءِ ايم ايف جو وفد ناڻي واري وزارت، توانائي، منصوبا بندي، اسٽيٽ بئنڪ، ايف بي آر، اوگرا ۽ نيپرا سميت ٻين ريگيوليٽري ادارن ۽ وزارتن سان به ڳالهيون ڪندو، وفد پنجاب، سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان سان به الڳ الڳ ڳالهيون ٿينديون، ذريعن موجب پاڪستان کي ڪلائميٽ فنانسنگ معاهدي تحت 28 مهينن ۾ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالر ملڻا آهن.

  1. بنگلاديش پاران ٻوڏ سبب پاڪستان جي امداد جي آڇ

اسلام آباد(بيورو) بنگلاديش پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي امداد جي آڇ ڪئي آهي، بنگلاديش جي مذهبي معاملن واري مشير اي ايف ايم خالد حسين وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي ۽ چيف ايڊوائيزر محمد يونس جو خط وزيراعظم حوالي ڪيو، ان دوران هن پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ساڳئي وقت پاڪستان کي امداد جي آڇ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.