تباهي باوجود وفاق عالمي امداد جي اپيل ناهي ڪئي، برساتي ڏيڏر نفرت وارا بيان پيا ڏين:مراد شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت هن وقت تائين عالمي سطح تي امداد جي اپيل ناهي ڪئي. برساتي ڏيڏر نفرت تي ٻڌل بيان بازي ڪري رهيا آهن، کين چوان ٿو ته ايتري ورهاست نه ڪيو. پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي 77هين ورسي تي کين ڀيٽا پيش ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو آته وڌندڙ شهري آباي سنگين مسئلا پيدا ڪيا آهن بهرحال سندس حڪومت عالمي بينڪ جي سهڪار سان هڪ جامع ماسٽر پلان تي عملدرآمد ڪري رهي آهي .وڏي وزير مزارِ قائد تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي، فاتحه پڙهي ۽ قائداعظم جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي۔ ان موقعي تي صوبائي ڪابينا جا ميمبر به ساڻس گڏ هئا۔ هن چيو ته لياري ندي جي دوري دوران بيشمار غير رسمي آبادڪاري نظر آئي ۽ وسيلن جي فراهمي کانسواءِ رهواسين کي بي دخل نه ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي۔ هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت عالمي بينڪ جي سهڪار سان ڪراچي ماسٽر پلان جون اسٽڊيز مڪمل ڪيون آهن جن ۾ ٽرانسپورٽ، بجلي، پاڻي، نيڪال، ڪچرو کڻڻ ۽ مجموعي ترقي شامل آهي۔ انفراسٽرڪچر جي سڌاري جي منصوبن ۾ ڀٽو روڊ جي تعمير به شامل آهي. مراد علي شاهه چيو ته پاڻي جي دٻاءُ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ حفاظتي ڀتيون تعمير ڪيون ويون آهن جن جي مانيٽرنگ هو پاڻ ڪري رهيو آهي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان تڏهن ئي ترقي ۽ استحڪام ڏانهن وڌي سگهي ٿو جڏهن اسين قائداعظم جي اصولن تي عمل ڪنداسين. هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هن پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻايو جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو ملڪ جي دفاع کي مضبوط ڪيو. وڏي وزير موجوده ٻوڏ جي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ٻوڏ کان متاثر ٿيا آهن . هن چيو ته انساني جانن جو تحفظ ۽ بيراجن ۽ بندن جي حفاظت پهرين ترجيح آهي۔ سندس مطابق وفاقي ادارا ۽ نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي وزيراعظم جي هدايتن تي انهن قدمن ۾ سهڪار ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته الله تعاليٰ اسان سڀني تي رحم فرمائي۔ سوال جواب سيشن ۾ وڏي وزير ميڊيا کي موجوده ٻوڏ جي انتظامن، انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ صوبي ۾ پاڻي جي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني۔ هن 2010 جي شديد ٻوڏ کي ياد ڪندي چيو ته ان دوران ٽوڙي بند ٽٽي ويو هو ۽ سکر بئراج کي سنگين خطرو پيش آيو هو۔. سکر بئراج جي اصل گنجائش 15 لک ڪيوسڪ پاڻي هو پر دروازن جي بند ٿيڻ کانپوءِ اها گهٽجي 9 لک 60 هزار ڪيوسڪ رهجي وئي۔ اڃا تائين 11 لک ڪيوسڪ پاڻي هن بئراج مان گذري چڪو آهي. وڏي وزير مطابق هن پاڻ صورتحال جي نگراني ڪئي ۽ ايندڙ ڏينهن ئي تيز نيڪال جو مشاهدو ڪيو۔ 19 آگسٽ جي برسات بابت وڏي وزير چيو ته برسات اڳڪٿي کان وڌيڪ ٿي پر رات 9 وڳي تائين پاڻي جي نيڪال مؤثر نموني مڪمل ٿي وئي۔ هن ٻڌايو ته تازين برساتن دوران ريسڪيو 1122، پي ڊي ايم اي، ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ چونڊيل نمائندا مڪمل طور تي سرگرم رهيا. هن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقن ۾ ٻوڏ جي اڳڪٿيون نه ڪيون ويون هيون۔ پاڻي فيڊ چينلن ذريعي موٽروي، سپر هاءِ وي ۽ سعدي ٽائون ۾ داخل ٿيو۔ هن وڌيڪ چيو ته ايم 9 موٽروي تي موجود انفراسٽرڪچر مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته پاڻي جي گذرڻ جي اجازت تي غور هيٺ آهي۔ وڏي وزير ٻڌايو ته 2011، 2012 ۽ 2022 جي برساتن ۽ ٻوڏ کانپوءِ قدم کنيا ويا جن ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ منڇر ڍنڍ سميت وڏن آبي ذخيرن جي ساڄي ۽ کاٻي ڪنارن تي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ شامل آهي۔ هن تسليم ڪيو ته دنيا ۾ ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ مشڪل آهي ۽ ان لاءِ اتحاد، مثبت رويو ۽ مستقل سياسي عزم لازمي آهي. ضلعي دادو ۾ نئين گاج ڊيم منصوبي ۾ دير بابت سوال تي مراد شاهه چيو ته هو هن مرحلي تي منفي بيان نه ڏيندو بهرحال وفاقي حڪومت تي زور ڏنو ته منصوبي جي تعمير ۾ تيزي آندي وڃي. وڏي وزير چيو ته اسان کي عالمي سطح تي اپيل ڪرڻ گهرجي. بلاول جو چوڻ آهي ته اهڙن موقعن تي فوري رليف ڏيڻ ضروري آهي، ۽ موسمياتي ۽ زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻي گهرجي. هن چيو ته ايم-نائين (M-9) تي نالي جي واٽ ٺاهڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي. موٽر وي انتظاميا کي اهو ڪم ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. گذريل ٽن ڏينهن جي برساتن ۾ انتظاميا چست رهي ۽ مان نٿو سمجهان ته اهڙي مثال ٻئي ڪٿي ملندي. مراد علي شاهه چيو ته، "جيڪڏهن اوچتو تيز برسات ٿئي ته مهرباني ڪري سڀ ماڻهو هڪ ئي وقت گهر طرف نه وڃن. الله پاڪ پاڪستان جي حفاظت فرمائي  .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.