ڪراچي( رپورٽر )سنڌ جي زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته سنڌ ۾ لکين نون رجسٽرڊ هارين کي بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي زراعت کاتي سنڌ بئنڪ کي ڪارڊ تيار ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. زراعت واري وزير موجب سنڌ ۾ 80 هزار نون آبادگارن جي رجسٽريشن ۽ تصديق مڪمل ٿي وئي آهي. سنڌ بئنڪ هلندڙ مهيني جي آخري هفتي ۾ 50 هزار ڪارڊ جاري ڪندي، جڏهن ته وڌيڪ 50 هزار ڪارڊ هر 20 ڏينهن ۾ جاري ڪيا ويندا. هاري ڪارڊ ذريعي هارين کي سبسڊي ۽ مالي مدد فراهم ڪئي ويندي. سردار محمد بخش مهر وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ڊرپ آبپاشي نظام کي سولر ۾ منتقل ڪرڻ جو به وڏو فيصلو ڪيو آهي. هن اسڪيم تحت 5 کان 25 ايڪڙن جي زرعي زمين رکندڙ آبادگارن کي سبسڊي تي سولر پاور پينل فراهم ڪيا ويندا. منصوبي تحت 4 هزار ايڪڙ زمين تي سولر پاور پينل جا 295 يونٽ لڳايا ويندا. آبادگارن جو 20 سيڪڙو خرچ جڏهن ته سنڌ حڪومت 80 سيڪڙو برداشت ڪندي. زراعت واري وزير چيو ته جيڪي هاري سولر پينل حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، اهي 20 سيپٽمبر تائين ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر، واٽر مئنيجمينٽ، حيدرآباد جي آفيس ۾ درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا.