ڪراچي/حيدرآباد(رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪالهه به هلڪي برسات جو سلسلو جاري رهيو. موسميات کاتي موجب موجوده برساتن جي سلسلي دوران ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ 143 ملي ميٽر برسات سرجاني ٽائون ۾، جڏهن ته سڀ کان گهٽ 38 ملي ميٽر جناح ٽرمينل تي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي نديون وهي اچڻ کان پوءِ سعدي ٽائون، شهباز ڳوٺ، لياري ۽ ملير ندي جي علائقن ۾ اڃا تائين پاڻي بيٺل آهي، جڏهن ته ملير ندي سان لاڳاپيل ٻئي ڪازوي بند آهن،، جنهن سبب هزارين ماڻهن کي صرف جام صادق پل مان گذرڻو پئجي رهيو آهي ۽ نتيجي طور گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن. حيدرآباد ۾ پيل برسات کي 3 ڏينهن گذري ويا پر اڃا تائين قاسم آباد, لطيف آباد, سٽي ۽ ٻهراڙي تعلقي جي ڪيترن ئي علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو, وڏيون رهائشي اسڪيمون, پوش علائقا ۽ گهڻ ماڙ پلازائن جون پارڪنگ به برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل آهن. پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا, جن انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. قاسم آباد جي علائقي سٽيزن ڪالوني, گلستان سجاد, قاسم ٽائون, ماڊل ٽائون, ڀٽائي نگر, ماروي ٽائون, پڪوڙا چوڪ کان هيٺ وارا علائقا, شيدي ڳوٺ, سحرش نگر, حسين آباد ۽ ٻين علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي, لطيف آباد جي علائقن يونٽ نمبر 4, 8, 7, 10, 11 ۽ ٻين علائقن مان به برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. شهر جي مختلف علائقن, ڦليلي, ٽانگا اسٽينڊ, پريٽ آباد, ڪوهنور چوڪ, فتح چوڪ, ڪلاٿ مارڪيٽ ۽ ٻين علائقن جي روڊن رستن تي برسات جو پاڻي بيٺل آهي. جڏهن ته ٻهراڙي تعلقي جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ علائقن مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي. حيدرآباد ۾ پاڻي جي نيڪال جو عمل مفلوج ٿيل آهي. بلدياتي ادارن جا نمائندا پنهنجن علائقن مان برسات جو پاڻي نيڪال ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن. برسات جو پاڻي بيهڻ ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي. ٻئي طرف قاسم آباد مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شھري روڊن تي نڪري آيا، جن واڌو واھه روڊ کي ٻنھي پاسن کان بند ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو. ايڊووڪيٽ پرويز احمد سومرو، خان ڪانڌڙو، محمد اسلم مھر، سيد امان علي شاھه، خليل ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هنيل ڌرڻي سبب واڌو واھه روڊ جي ٻنھي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون.