ايئرپورٽ حملو ڪيس: ٻن دهشتگردن جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايئرپورٽ ڀرسان چيني قافلي تي خودڪش حملي واري ڪيس ۾ ٻن روپوش دهشتگردن بشير بلوچ ۽ عبدالرحمان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر عمر فاروق واقعي جي وڊيو يو ايس بي ذريعي عدالت ۾ پيش ڪري اوپن ڪورٽ ۾ ڏيکاري، جنهن ۾ ڌماڪي جا منظر ۽ حملو ڪندڙ شاهه فهد جو وڊيو بيان به ٻڌايو ويو. جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته روپوش دهشتگردن بابت رپورٽ جمع ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته آءِ جي سنڌ طرفان آءِ جي بلوچستان کي خط پڻ موڪليو ويو آهي جنهن ۾ جواب ڏنو ويو ته بلوچستان ۾ آپريشن جاري آهي، تنهنڪري وقت ڏنو وڃي. عدالت حڪم ڏنو ته روپوش دهشتگردن کي ايندڙ ٻڌڻي تي گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.