هر سال جڏهن برساتون پونديون آهن ۽ درياهه ۾ چاڙهه ايندي آهي ته سنڌ جا ماڻهو خوف ۾ اچي ويندا آهن، ڇو ته سندن زندگيون رڳو پاڻيءَ جي بي رحم وهڪرن سان نه پر حڪومتي بيحسي، انتظامي نااهلي ۽ ٺيڪيدارن جي ڪرپشن سبب خطري هيٺ اچي وينديون آهن. هن سال به ساڳئي صورتحال آهي، پنجاب مان پاڻي جي اچڻ بعد سنڌو ۾ مسلسل چاڙهه ٿي رهي آهي. سنڌ حڪومت جي پراونشل رين اينڊ فلڊ ايمرجنسي مانيٽرنگ سيل پاران جاري انگ اکرن مان واضع آهي ته صورتحال سنگين آهي. ٽمھون بئراج تي ان فلو ۽ آئوٽ فلو ٻنهي جو وهڪرو 279,908 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو آهي، جڏهن ته پنجند وٽ پاڻي جو وهڪرو 4 لک 75 هزار ڪيوسڪ کان مٿي وڃي چڪو آهي. گڊو بئراج تي آمد 502,844 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 492,443 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته سکر بئراج تي مٿاهون وهڪرو 400,405 ڪيوسڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 382,355 ڪيوسڪ ڄاڻايو ويو آهي. ڪوٽڙي بئراج تي به پاڻي جي آمد 253,145 ڪيوسڪ ۽ ڊيلٽا ۾ 251,745 ڪيوسڪ ڇڏيو ويو آهي. اهي انگ اکر هڪ اهڙي خطري جو اعلان آهن، جنهن جا اثر اڳ ۾ ئي ظاهر ٿيڻ لڳا آهن.
نوشهرو فيروز ۾ درياهه جي سطح بلند ٿيڻ ڪري مڃٺ جي ويجهو زمينداري بند ٽٽي پيو، جنهن سبب ڳوٺ مردان چانڊيو ۾ پاڻي داخل ٿي ويو ۽ ڳوٺ علي مردان چانڊيو جا ڪيترائي گهر متاثر ٿيا. ماڻهو پاڻيءَ ۾ ڦاٿل آهن، ٻارڙا کليل آسمان هيٺ بي سهارا بڻيل آهن، پر حڪومتي نمائندا رڳو بيان بازيءَ ۾ مصروف آهن. اهو منظر سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪو نئون ناهي، ڇو ته هر سال ساڳي تڪليف، ساڳي آزمائش ۽ ساڳي بيحسي انهن جي مقدر بڻجي وڃي ٿي. ٻئي پاسي مسلسل برساتن سبب شهري اڏاوتن جي نااهلي ۽ ڪرپشن جا پول کلي رهيا آهن. ملير ايڪسپريس وي، جيڪو ڪراچيءَ جي اهم منصوبن مان هڪ آهي، برساتن جي ڪجهه ڏينهن ۾ ئي ٽٽي پيو. ڄام ڳوٺ ۽ ميمڻ ڳوٺ جي وچ ۾ ڊيم ٽٽڻ بعد پاڻي جي تيز وهڪري سبب روڊ جو وڏو حصو لڙهي ويو. افسوس جو هن هنڌ تي ماسٽر پلان مطابق پل ٺاهڻ جي گنجائش هئي، پر ان جي بدران مٽي وجهي ڀرائي ڪئي وئي، جيڪا برساتن جو دٻاءُ نه سهي سگهي ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ ئي پوري روڊ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. هي منصوبو شروعاتي طور 24 ارب روپين سان شروع ٿيو هو، جيڪو وڌي 44 ارب تائين پهتو، پر ان باوجود چند ڏينهن جي برساتن ان کي لڙهي ڇڏيو. عوام لاءِ اهو رڳو هڪ روڊ نه پر حڪومتي نااهليءَ جو علامتي قبرستان بڻجي ويو آهي.
اهڙي صورتحال ۾ عوام لاءِ سوال اٿڻ لازمي آهي ته جيڪڏهن اربين روپين جا منصوبا اهڙي غير ذميواراڻي طريقي سان تيار ٿيندا ته پوءِ عوام جي حفاظت ڪير ڪندو؟ انتظاميا جا آفيسر پاڻ به اعتراف ڪري رهيا آهن ته ندي جي رخ واري پاسي تي لڳايل حفاظتي پٿر به پاڻيءَ ۾ لڙهي ويا آهن ۽ ڀرائي ڪيل مٽي مڪمل طور لڙهي وئي آهي. مطلب ته منصوبو شروعات کان ئي غلط بنيادن تي تعمير ٿيو هو. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٺاهيل هن شاهراهه کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪا به سنجيده حڪمت عملي اختيار نه ڪئي وئي، نتيجي ۾ عوام جي رقم ضايع ٿيڻ سان گڏ سندن زندگيون به خطري ۾ وجهي ڇڏيون آهن. علائقي واسي احتجاج ڪندي مطالبو ڪري رهيا آهن ته فوري طور تي پائيدار مرمت ڪئي وڃي، ڇو ته جيڪڏهن اهڙي شاهراهه ٻيهر ساڳي بي پرواهي سان ٺهندي ته اهو قومي وسيلن سان وڏي بي انصافي ٿيندي.
سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال رڳو فطري آفت نه پر انساني غفلتن جو نتيجو به آهي. جڏهن هر سال درياهن جا وهڪرا وڌن ٿا، ته بروقت بندن جي مرمت، نالن جي صفائي ۽ حفاظتي انتظامن جي ضرورت هوندي آهي، پر حڪومت هر سال آخري وقت تي جاڳندي آهي. جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو ماڻهن جا گهر، فصل ۽ مال لڙهي وڃن ٿا. ٻئي طرف شهري علائقن ۾ غير معياري اڏاوتون ۽ ڪرپشن عوام لاءِ وڌيڪ خطرو بڻجي وڃن ٿيون. اربين روپين جا منصوبا ٺهڻ باوجود سنڌ جا ماڻهو رستن تي ڦاٿل ۽ ڳوٺاڻا پاڻيءَ ۾ ٻڏل نظر اچن ٿا.انهيءَ صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته حڪومتي مشينري عوام کي بچائڻ بدران رڳو آفت کان پوءِ نقصان جا انگ اکر جاري ڪرڻ ۾ مصروف رهي ٿي. جڏهن ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اڳواٽ حڪمت عملي، شفاف منصوبابندي ۽ ايمانداريءَ سان وسيلن جي استعمال ذريعي اهڙين آفتن کان بچاءُ لاءِ رٿائون تيار ڪيون وڃن. پر افسوس جو سنڌ ۾ حڪومت جو ڌيان صرف اقتدار جي سياست تي آهي، عوام جي زندگين تي نه.ٻوڏ جي پاڻيءَ سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن لاءِ عارضي امداد به ناڪافي آهي. ڪجهه ٽينٽن ۽ ٿورڙي خوراڪ سان ماڻهن جون زندگيون بحال نه ٿي ٿيون سگهن. کين تحفظ، مستقل رهائش ۽ روزگار جي ضرورت آهي. جيڪڏهن حڪومت هر سال رڳو عارضي امداد تي ئي ڀاڙيندي رهندي ته سنڌ جا ماڻهو هر سال ساڳئي مصيبت کي ڀوڳيندا رهندا.
ملير ايڪسپريس وي جهڙا منصوبا سنڌ ۾ ترقيءَ بدران بدحاليءَ جو سبب بڻجي رهيا آهن، ڇو ته اهي عوام جي ضرورتن بدران ٺيڪيدارن جي کيسي ڀرڻ لاءِ ٺاهيا وڃن ٿا. اهڙن منصوبن جي ناڪاميءَ سان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ڪرپشن سنڌ کي وڌيڪ خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ موجوده ٻوڏ واري صورتحال اسان لاءِ هڪ وڏو سبق آهي. جيڪڏهن حڪومت هاڻي به نه ٿي جاڳي ته ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ تباهي ٿيندي. بندن کي مضبوط ڪرڻ، منصوبن کي پائيدار بڻائڻ ۽ ڪرپشن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ بنا عوام جون زندگيون محفوظ ٿي نه سگهنديون. ضرورت آهي ته حڪمرانن پنهنجو رويو تبديل ڪن ۽ عوامي وسيلن کي عوام لاءِ استعمال ڪن، نه ته سنڌ هر سال ساڳي تباهيءَ جو شڪار ٿيندي رهندي.