قديم زماني کان وٺي سنڌين پنهنجي جدا قومي وجود پئي قائم رکيو آهي جيتوڻيڪ ڪيترا ڀيرا ٻاهرين ڌارين قومن، ڪٽڪن حملا ڪري کين جداگانه وجود کي ختم ڪري غلام بڻائي ماري وسيلا لُٽيا ڦُريا آهن پر سنڌ ڌرتيءَ جي مٽيءَ جي مهڪ جو ڪمال آهي جو ايتري ظلم جبر باوجود ان ڌارين سان مهاڏو اٽڪائي پنهنجي وطن کي آزاد ڪرايو آهي جن ڌارين ايرانين، يونانين،عربن،مغلن،انگريزن سنڌ تي حملا ڪري پنهنجون بادشاهيون قائم ڪيون اڄ انهن جو وجود ڇا پر نانءُ نشان نظر نٿو اچي ايترن حملن باوجود سنڌ جي ثقافت، ڪلچر ٻولي رهڻي ڪهڻي صحيح سلامت آهي پر فرق اهو آهي ته اڳ جيڪي ڌارين لٽمار ڪئي اها ظاهري وسيلا هيا اهي لُٽيا هاڻي ته زير زمين هيٺان قدرتي وسيلن جي به لٽمار تيزيءَ سان جاري آهي
سنڌ هن ڌرتيءَ جي گولي تي اهو خوشحال خطو آهي جنهن ۾ قدرتي ذخيرا ايترا ته آهن جيڪڏهن اهي ڌرتي ڌڻين تي خرچ ٿين ته سنڌي قوم شاندار خوشحال زندگي گذاري سگهي ٿي اصول به اهو ئي آهي ته جنهن ملڪ، وطن، يا خطي مان جيڪي به وسيلا نڪرن ٿا انهن تي سڀ کان پهرين ان خطي جي رهواسين جو حق آهي پر سنڌ سان هميشه ايئن ٿيندو رهيو آهي جيئن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته لاتعداد وسيلن هجڻ ڪري سدائين ڌارين جي حملن جو شڪار رهي آهي ڪڻڪ جي سنگن جيئان انساني سرن جا لابارا ٿيندا رهيا آهن انساني جسم واري جي ڀتين وانگر ڪرندا رهيا آهن پر ايڏي قتل و غارتگري کان پوءِ به وري ايندڙ نسلن بغاوتون ڪري پنهنجي وطن کي آزاد ڪرائي خوشحالي جي واٽ تي هلايو آهي
پر برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ٻه واٽي تي بيٺي آهي ان جا به ٻه پهلو آهن جنهن ۾ سنڌ تمام ڪمزور آهي هڪڙو پهلو اهو آهي ته ماضيءَ ۾ ڪجهه هزارين ڌاريا حملي آور ٿيندا هيا سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو تمام گهٽ هوندو هيو پر برصغير جي ورهاڱي کانپوءِ لکين ڌاريا مستقل طور تي سنڌ آندا ويا ان کان علاوه لکين افغانين، بنگالين، برمين، کي به سنڌ آندو ويو نه رڳو آندو ويو پر انهن کي پراپرٽي خريد فروخت ڪرڻ ۽ ووٽ ڏيڻ يا اليڪشن ۾حصو وٺڻ جو مڪمل حق ڏنو ويو جنهن ڪري سنڌين جي حق حڪمراني سان گڏوگڏ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي ۽ سنڌين ۾ گهڻي ڀاڱي احساس ڪمتري پيدا ٿيڻ ڪري بزدلي وڌي رهي آهي شهري علائقن ۾ ڌارين جو رعب وڌندو پيو وڃي ڪراچي حيدرآباد سکر ڪشمور ميرپورخاص سميت ٻين شهرن ۾ ڌاريا سياست ۽ ڪاروباري مرڪزن ۽ زمينن تي قابض ٿيندا رهن ٿا
ٻيو هن وقت سنڌي سياسي طرح انتظامي جوڙ جڪ جي حوالي سان صفا ڪمزور آهن ايتري ڪمزور انگريز جي دور ۾ به نه هئا توڙي جو اڄ نظرياتي طور شاهڪار آهي خاص طور سائين جي ايم سيد جو غلامي مان نجات ڏيارڻ وارو فڪر موجود آهي ٻيا وطن دوست ترقي پسند نظريا موجود آهن جنهن ۾ محترم رسول بخش پليجي جي طبقاتي جدوجهد جو طريقيڪار به موجود آهي اها به هڪ حقيقت آهي ته قومون عارضي تڪليفن مان نڪري وينديون آهن پر ان لاءِ به تمام وڏيون قربانيون ڏيڻون پونديون آهن جيڪڏهن ڪا قوم غلام آهي ته ان قوم کي مضبوط قومي تحريڪ جي ضرورت هوندي آهي جيڪا تحريڪ ان قوم کي آزادي ڏيارڻ لاءِ عوام ۾ بيداري پيدا ڪري قوم کي پاڻ سان ڳنڍي ايڪي اتحاد سان غلامي مان نجات ڏياري سگهي ٿي توڙي جو ان تحريڪ خلاف دشمن قوتون هر محاذ تي رنڊڪن جا بند ٻڌڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ان خطي جي ان قومي تحريڪ جي ليڊر شپ ۾ دشمنن طرفان پيدا ڪيل سازشن سان مقابلو ڪرڻ جو ڏانءُ هجڻ گهرجي اها به سياسي ڏاهپ هوندي آهي ته وقت ۽ حالتن کي مدنظر رکي جدوجهدن جا فيصلا ڪجن ۽ ڪابه جدوجهد عوامي سپورٽ کان سواءِ ڪامياب نٿي ٿي سگهي مثال سنڌ ۾ ٻن ڏهاڪن کان مٿي عرصو ٿيو آهي ته وطن دوست قوم پرست ڌريون ڪالاباغ ڊيم ٿل ڪئنال ڀاشا ڊيم ڌاري آبادڪاري سميت ٻين معاملن خلاف جدوجهد ڪندا پيا اچن پر اهي منصوبا مڪمل ختم نه سگهيا آهن ڪي منصوبا وقتي طور ملتوي ٿيا آهن پر مڪمل ختم ناهن ٿيا جيئن سال کن اڳ وفاقي حڪومت سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ته سنڌ ۾ انهن ڪئنال مخالف جدوجهد شروع ٿي اها جدوجهد قوم پرست ڌرين شروع ڪئي ان جدوجهد ۾ عوام ڀرپور شرڪت ڪئي هر ڳوٺ جي ڳلين شهرن جي روڊن رستن پاڙن ۾ ننڍن وڏن ماڻهن جي انبوهن ۾ اهي نعرا گونجي رهيا هئا ته سنڌو تي ڪئنال سمورا نامنظور
مان ان جدوجهد جو ڪريڊٽ ڪنهن هڪ ڌر کي ڏيڻ واري مامري کان ٻين ڌُرين سان ويساهه گهاتي سمجهان ٿو ڇوته ان جدوجهد ۾ حال آهر هر سياسي سماجي تنظيمن ۽ شعور وندن هر مڪتب فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن پنهنجو پنهنجو حصو ڳنڍيو. سياسي ڌرين درياهه بچايو تحريڪ جي اجلاسن ۾ جدوجهد کي تيز ڪرڻ ۽ ٻٻرلوءِ وٽ ڌرڻو ھڻڻ تي غور ويچار ٿي رهيو هو ته اوچتو وڪيلن سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال ٺاهڻ خلاف وڪيلن ٻٻرلوءِ وٽ ڌرڻي جو اعلان ڪيو آءُ وڪيلن جي ڌرڻي تي شڪ نٿو ڪريان پر اڪثر حڪمران پنهنجن ماڻهن کي اهڙي نالي ماتر جدوجهد ڪرائي حقيقي وطن پرست ليڊر شپ تي تنقيدن جا تير هلائڻ وري ماڻهن کي منتشر ڪري اوچتو اهي جدوجهد ختم ڪرائي ڇڏيندا آهن جن قوم پرستن سال سڄو اڻٿڪ جدوجهد ڪري عوام ۾ بيداري پيدا ڪئي اها سڄي جدوجهد ٻٻرلو ۾ وڪيلن جي 13 ڏينهن واري بنا نتيجي ڌرڻي سبب ختم ٿيڻ سان گڏ پوري ٿي وئي.
سنڌ جا اقتدار ڌڻي پنجاب جي بالادستي مڪمل قبولي طاقتور ڌُرين جي ڪنجڪ جھلڻ ۾ فخر محسوس ڪن پيا ان ڪري اهي حڪمران نااهل ۽ ڪرپٽ ثابت ٿيا آهن اهڙي صورتحال ۾ معاشرو ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندي آهي هڪ طرف لالچي رشوت خور ليڊر شپ قديم ماضي سان رشتا ٽوڙي قبضي گير فاتحن جي تعبيداري ڪندو آهي ٻئي طرف ڪجهه وطن دوست قوم دوست جماعتون يا ليڊر شپ جيڪا قبضي گيرن جي تهذيب ۽ ثقافت توڙي ٻولي تسليم ناهن ڪنديون پنهنجي قديمي سڃاڻپ کي قائم رکڻ جي جدوجهد ڪنديون آهن هن فيڊريشن ۾ به سنڌ سان 78 سالن دوران بلڪل ايئن ٿئي پيو ته اسان جي ٻوليءَ کان انڪار ڪيو پيو وڃي ثقافت کان نفرت ڪئي ٿي وڃي وسيلن جي وارثي واري حق کان انڪار ڪيو پيو وڃي ان ڪري قوم پرست ڌرين کي گهرجي ته عوام کي منظم ڪري ساڻن تعلقات پيدا ڪرڻ لاءِ پراڻن تجربن کي خيال ۾ رکي سرزمين سنڌ جي روشن مستقبل لاءِ نوان طريقا اختيار ڪرڻ گهرجن. بجاءِ جو هر جدوجهد ۾ نوان سورما ٺاهجن. شخصيتون ٺاهي انهن کي ديوتا بڻائي ڇڏجي ۽ پوءِ انهن جي حڪمن جي تعبيداري ڪجي انهن جو جائز توڙي ناجائز عمل تي به واھ واھ ڪجي اهي عمل قومي تحريڪن ۽ قومي ڪارڪنن ۾ نه هجڻ گهرجن. ها شخصيتون به ٺهنديون آهن پر اهي سچائي ايمانداري وطن پرستي، قوم پرستي جي بنياد تي هجن انا پرستي نسل پرستي فرد پرستيءَ جي بنياد تي نه ٺاهجن جو اڳتي هلي اهي شخصيتون ئي ان تحريڪ، وطن يا قوم لاءِ نقصانڪار ثابت ٿين. سنڌ اندر به اڪثر ليڊر شپ ۾ هٽلر ۽ چنگيزخان جو روح داخل ٿي ويو آهي پنهنجي راءِ مڃائڻ لاءِ دڙڪا، داٻا،ڪوڙي دليل بازي ۽ طنز عام ٿيندي پئي وڃي.
جماعتون يا تحريڪون اهي مضبوط ۽ نتيجا ڏيندڙ هونديون آهن جن ۾ جمهوريت، برابري ۽ هڪ ٻئي لاءِ احترام ھوندو آھي ماضي شاهد آهي ته سنڌ ۾ جيڪي به پارٽيون ٽٽيون آهن اهي ليڊر شپ جي غلط روين غيرمهذب عملن انا پرستي ۽ شخصيت پرستي جي ڪري ئي ٽٽيون آهن خاص ڪري پارٽين جي حالت خراب تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ان پارٽين جي ادارن کي قابض شخصيتون پنهنجي مقصدن ۽ مفادن جي لاءِ استعمال ڪنديون هجن.شخصيتن جو اثر ۽ سندن طاقت ان وقت گهٽجندي آهي جڏهن ان جي مقابلي ۾ پارٽين يا جماعتن اندر ادارا مضبوط ۽ فيصلا ڪرڻ ۾ آزاد هوندا آهن اڳتي به جيڪڏهن پارٽين اندر هڪ هٽي رهي ۽ ليڊر شپ ماضي جي ٽوڙ ڦوڙ ۽ نقصانن کي سامهون رکي پنهنجا رويا درست نه ڪيا ته موجوده ڪيتريون ئي پارٽيون اڃان وڌيڪ ڌڙابندي جي ور چڙهي عوام ۾ پنهنجي ساک وڃائي ويهنديون ۽ سنڌ جو مستقبل اونداهون ئي رهندو جيڪڏهن سنڌ کي آزاد هر قسم جي غلامي مان ڇوٽڪارو ڏئي ترقي ۽ خوشحالي طرف وٺي وڃڻ چاهيون ٿا ته پوءِ پنهنجي انا ۽ مفاد پرستي کي ترڪ ڪري پاڻ ۾ سهپ، رواداري پيدا ڪرڻي پوندي