”هاڻي رات وئي ڳالهه وئي“ واري رويي سان ڪم نه هلندو!

موجوده چوماسي جي برساتي موسم، سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي اڀار ۽ ان اڀار جو ٻوڏن ۾ تبديل ٿيڻ  ۽ پوءِ انهن ڪري ٿيندڙ نقصان وارو موضوع اڄ ڪالهه هر ماڻهو، هر ڪچهري ۽ هر ٽي وي چينل جو موضوع آهي. ايئن به ناهي ته ملڪ اندر اها چئوماسي جي برساتي موسم يا ٻوڏون ڪو پهريون ڀيرو آيو آهن يا  موسمياتي تبديلي جو نتيجو آهن پر اها صورتحال هر سال لاڳو ٿيندي آهي ۽ ايئن ئي ان تي هر سال ڳالهايو ويندو آهي پر جڏهن اهي ٻه ٽي ڏکيا مهينا گذري ويندا آهن ته پوءِ هن اردو چوڻي ”رات گئي بات گئي“ جيان سڀ معاملا وسري ويندا آهن. اهو به ممڪن آهي ته حڪومتون به اهو سوچي ان تي گهڻو غور ويچار نه ڪنديون هجن ته ڪجهه مهينا ۽ عوام جي تنقيد برداشت ڪري ڇڏجي جو چئوماسي جي موسم ختم ٿيندي ئي حالتون نارمل ٿي وينديون. اهو اندازو پاڻ ان ڪري لڳايون ٿا جو هر سال چئوماسي جي برساتي موسمن، ٻوڏن ۽ انهن وگهي ٿيندڙ نقصان واري تجربي جي روشني ۾ نئين سال ڪي بهتر ۽ ٺوس انتظام نظر ناهن ايندا جنهن مان اهو تاثر ملي ته حڪومتن پوئين تجربن مان ڪجهه سکيو آهي جو هن سال اوهڙي صورتحال پيدا نه ٿي جهڙي ماضيءَ ۾ ڏسڻ ۾ ايندي هئي. اڃان به انتظامي معاملا گذرندڙ وقت ۽ سالن کان بدکان بدترئي نظر ايندا آهن.

پر هاڻي نئين سوشل ميڊيا جي دور يا هر ڳالهه ريڪارڊ ٿي ويندي آهي ۽ هر سال اها پوسٽ يا وائرل ٿيل وڊيو پاڻمرادو يادگيري طور فيس بڪ تي اچي ويندي آهي، معنيٰ ته هاڻي واقعن کي وساري يا نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. ٻيو ته موسمي تبديلين تي گهري نظر رکندڙ ماحوليات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ  ڪجهه سالن ۾ لاڳيتو ججهيون برساتون پونديون ۽ انهن جي نتيجي ۾ درياهن ۾ پاڻي جو غير معمولي اڀار ايندو جيڪو وڏين ٻوڏن جي شڪل اختيار ڪندو رهندو تنهن ڪري هاڻي ”رات وئي ڳالهه وائي“  واريچوڻي ڪم نه ايندي تنهن ڪري حڪومتن کي هاڻي واقعي به موسمي تبديلي پٿاندڙ ماحولياتي حڪومتي پاليسي ۽ حڪمت عملي طئي ڪرڻي پوندي جنهن جو زباني اظهار ته حڪمران به ڪن ٿا جيئن وزير اعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ هن سال آيل پهرين وڏي برساتي تباهي جي موقعي تي ڪيل دوري دوران ڪيو هو ته هاڻي فطرت سان ٿيندڙ هٿ چراند جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏبي.

عام خيال آهي ته حڪمران رڳو ڳالهيون ڪندا آهن. پر جيڪڏهن ان ڳالهه تي عمل ڪيو وڃي، ندين نالن جي صفائي کوٽائي ۽ انهن جي ويڪر وڌائي وڃي ته ڪافي حد تائين صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي. ڪم ڪرڻ تي اچجي ته ان ۾ گنجائش هوندي ئي هوندي آهي.  هر شعبي جا ماهر موجوده آهن جيڪي مفت ۾ فيس بڪ تي مسئلن جا سبب ۽ حل به رکن ٿا ته تجويزون به ڏين ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن سببن ۽ تجويزن کي ڪير ٻڌي. يقينن حڪومتن وٽ پنهنجا صلاحڪار به هوندا آهن پر لڳي ٿو ته انهن مان به فائدو ناهي ورتو ويندو. ٻيو ته اسان به هر سال پنهنجن ايڊيٽوريلز ۾ حڪومتن کي صلاح ڏيندا رهيا آهيون ته اهي هر سال چئوماسي جي موسم کان اڳ درياهن جي ڪپرن کي ۽ بندن جو جائزو وٺي ۽ ضررت پٽاندڙ انهن کي مضبوط به ڪري ته انهن جي اوچائي به ٿوري ٿوري وڌائيندي رهي. اهڙي ريت ندين نالن ۾ به پاڻي جمع ڪرڻ جي گنجائش وڌائندي رهي، انهن جي کوٽائي به ڪندي رهي ته جيئن وڌ کان وڌ پاڻي جمع ڪري سگهجي ۽ ممڪن هجي ته انهن جي ويڪر به ٿوري ٿوري ڪري وڌائيندي رهي جيئن شهري ٻوڏن جو گهٽ کان گهٽ خطرو رهي.

پاڻي جي ماهرن جو چوڻ هوندو آهي ته جيڪڏهن درياهه کي پنهنجي رستي سان وهڻ ڏجي، ڪا رنڊڪ نه هجي ته اهو مسئلو پيدا نه ڪندو پر هاڻي ته درياهن جي لنگهن تي به ماڻهو قبضا ڪن ٿا. ڀارت ٻوڏ جو پاڻي ستلج ۾ ڇڏيو ته خبر پئي ته ان درياهه ۾ ڪيرائي ڳوٺ اڏيل هيا جيڪي ڀارت طرفان اوچتو پاڻي ڇڏڻ تي لڙهي ويا. سو ڏوهه درياهه جو نه پر خراب مئنيجمينٽ جو آهي. 2010 واري ٻوڏ ۾ سنڌ حڪومت بندن کي غلط ڪٽ ڏئي ڪري سڄي سنڌ کي ٻوڙيو هو. سو درياهه ۾ آيل چاڙهه کي مئنيج ڪرڻ لاءِ حڪومت کي هڪ الڳ ٽيم ٺاهڻي پوندي جيڪا درست نموني ۽ درست رخ ۾ ٻوڏن جي صورتحال کي منهن ڏئي سگهي.

ائين ئي شهرن ۾ برساتي نالن ۽ سيوريج جي نالن کي بهتر نموني مينيج ڪرڻ لاءِ سٺي مئنيجمينٽ جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي. هڪڙن ماهرن جو چوڻ آهي ته شهرن ۾ برساتي ۽ سيوريج جي پاڻي جي نيڪال جو مضبوط نظام جوڙڻو پوندو ۽ انهن معاملن کي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان حل ڪرڻو پوندو. مطلب ته باقاعدي ماسٽرپلان تيار ڪرڻو پوندو ته جيئن ايندڙ سال معمولي برساتن تي شهر مڪمل طور تي تلاءَ نه بڻجي سگهن. انهيءَ ماسٽر پلان ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال جو الڳ بندوبست ڪرڻُ پوندو ۽ سيوريج جي پاڻي جي نيڪال جو الڳ نظام قائم ڪرڻُ پوندو. هن وقت بدانتظامي جو عالم اهو آهي ته گٽرن جو پاڻي، برساتي پاڻي ۽ پيئڻ جي پاڻي جون پائيپون ۽ ناليون پاڻ ۾ ملي ويون آهن. ٻيو ته ڪراچي جهڙي انٽرنيشنل شهر ۾ اوهان ڏسندئو ته گٽرن جو پاڻي ڪنهن نه ڪنهن روڊ تي بيٺل نظر ايندو باوجود ان جي ته انهن روڊن تان روز حڪمران به لنگهن ٿا، وزير به گذرن ٿا ته، ڪامورن ۽ آفيسرن جو به گذر ٿئي ٿو پر مجال آهي جو ڪير فوري طور تي نوٽيس وٺي ان جو تدارڪ ڪري.

پر جيئن اسان مٿي لکي آيا آهيون ته هاڻي اها بيڊ گورننس ۽ بد انتظامي ناقابل برداشت ٿيندي پئي وڃي، اهو ئي سبب آهي جو هيل صدر آصف زرداريءَ به سنڌ حڪومت کي چئوماسي جي برساتن ۽ ٻوڏن جي موقعي تي بهتر انتظام ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي هئي، مطلب ته حڪومتن کي هاڻي انهن معاملن تي سنجيدگي ۽ عملي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي. ”رات وئي ڳالهه وئي“ واري رويي سان هاڻي ڪم نه هلندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.