نيپال ۾ خاص طور تي نوجوانن طرفان حڪومت خلاف احتجاج، پارليامينٽ ۽ وزيراعظم هائوس کي باهه ڏيڻ، ۽ سڄي نظام سان نفرت جو اظهار ڪري ان کي ڊاهڻ جي عمل کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان نظام کي سمجهو وڃي، جنهن خلاف اها بغاوت ٿي آهي . خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ، جيڪي هن واقعي کي ”ڪميونزم جي ناڪامي“ سمجهي خوشي ملهائي رهيا آهن، سندن لاءِ اهو سمجهڻ ضروري آهي ته اقتدار ۾ ڀلي ڪميونسٽ پارٽيون هيون، پر ڪهڙو نظام هو، جيڪو هلائي رهيا هئا؟ ۽ ڪهڙي نظام جي خلاف عوام بغاوت ڪئي؟
1- بادشاهت کي ختم ڪرڻ کانپوءِ ڪميونسٽ پارٽين (چاهي اها ماؤسٽ هجي يا يونائيٽڊ) اھو ساڳيو پارلياماني نظام جاري رکيو، جيڪو بادشاهت جي دور ۾ لاڳو هو. اهو ئي نظام، جنهن عوام کي مهانگائي، بيروزگاري، ۽ غربت ڏني هئي. عوام کي اميد هئي ته انقلاب کانپوءِ هڪ نئون نظام قائم ٿيندو، پر صرف بادشاهه کي هٽائي، ساڳئي پراڻي نظام کي ٿوري گهڻي رنگ روغن سان برقرار رکيو ويو. نيپال اڳ به قبائلي ساخت وارو سماج هو، ان ۾ صرف ٿوري گهڻي ”رينوويشن“ ڪئي وئي. نه ته صنعتي پيداوار ۾ واڌارو آندو ويو، ۽ نه ئي پورهيت طبقو، جيڪو سوشلسٽ انقلاب جي ڪرنگهي جي هڏي هوندو آهي، ان کي هٿي ملي. اڄ به نيپال جي GDP ۾ صنعت جو حصو (بجلي سميت) رڳو 14٪ آهي، ۽ صرف 15.1٪ افرادي قوت صنعت سان لاڳاپيل آهي. جڏهن ته زراعت، فشريز، ۽ لائيو اسٽاڪ جو GDP ۾ حصو 25٪ ۽ 60.64٪ افرادي قوت زراعت ۾ مشغول آهي. سوال هي آهي ته ڇا هڪ ماقبل سرمائيدارانه سماج ۾ سرمائيداري سياسي نظام هلي سگهي ٿو؟
2- نيپال به ٻين نوآباديتي دور جي متاثر ملڪن وانگر، بادشاهت جي دور ۾ سرمائيداري معاشي نظام هيٺ رهيو، جڏهن ته سماجي ڍانچو مابعد سرمائيداراڻو هو، جنهن کي بادشاه نواز نيپالي ڪانگريس قائم رکيو ويٺي هئي.
ڪميونسٽ پارٽين، هن تضاد کي بنياد بڻائي، عوام کي منظم ڪري بادشاهت خلاف جدوجهد ڪئي. پر 20 سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود نظام ۾ ڪا بنيادي تبديلي نه آئي.
الٽو ته معاشي پاليسين ۾ نئين سرمائيدار پاليسيون (Neo-liberalism) اختيار ڪيون ويون. اهڙين پاليسين مان عوامي بغاوت ئي جنم وٺندي. سرمائيداري نظام ۾ موجود ڪرپشن ۽ اقربا پروري وڌندي وئي ۽ نظام کي اندر کان کوکلو ڪري ڇڏيو.
اهو ڪو فرق نه ٿو پوي ته حڪومت ۾ ڪميونسٽ هئا، جيڪڏهن نظام ساڳيو سرمائيداري آهي، ته نتيجو به ساڳيو ئي نڪرندو. اهو ئي ٿيو – يعني عوامي بغاوت سرمائيداري نظام خلاف هئي، نه رڳو حڪمران پارٽين خلاف.
3- ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان (2023) پنهنجي ڪانگريس جي دستاويز ۾ اڳ ئي خبردار ڪيو هو ته نيپال ۾ ڪميونسٽن جي حڪومت ۽ انهن جي پاليسين جو نتيجو ناڪامي جي صورت ۾ نڪرندو. اسان کي سمجهڻ گهرجي ته رڳو ووٽن ذريعي، پراڻي سياسي مشينري ۽ سرمائيداري نظام جي ڍانچي ۾ رهي، عوام جي زندگيءَ ۾ حقيقي تبديلي آڻڻ ناممڪن آهي. ان طريقي سان سوشلسٽ نظام قائم نه ٿو ڪري سگهجي. سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ مختلف رجعت پسند، اصلاح پسند، ۽ سوشل ڊيموڪريٽ اڳتي اچي ويا. ڪنهن ”جمهوري سوشلزم“ جو نعرو هنيو، ته ڪنهن "اسٽالنزم” کي رد ڪري "ٽراٽسڪي ازم” کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر حقيقت اها آهي ته، ٽراٽسڪي جي نظريي تحت به سڄي صديءَ ۾ ڪٿي به ڪو انقلاب نه آيو آهي .
21 هين صدي ۾ وري ”نئين سوشلزم“ جا نعرا به سامهون آيا، پر اهي سڀ سرمائيداري نظام کي ٿورو بهتر ڏيکاري پيش ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون هيون – يعني پراڻون شراب، نئين بوتلن ۾.
4- جيڪڏهن ڪميونسٽ پارٽيون رڳو چونڊن ذريعي اقتدار ۾ اچن، نظام کي آھستي آھستي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، ته: سامراج سازشون ڪري انهن کي هٽائي ڇڏيندو، پراڻي رياستي مشينري انهن کي قبول نه ڪندي ۽ کين ناڪام بڻائي ڇڏيندي يا عوام ڏسي وٺندو ته نظام ساڳيو ئي آهي، ته انهن کي ووٽ ذريعي هٽائي ڇڏيندو. يا وري ايئن جيئن نيپال ۾ ٿيو، عوام بغاوت ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو.
5- ايران ۾ ڊاڪٽر مصدق انڊونيشيا ۾ سوئيڪارنو چلي ۾ صدر آليندي، برازيل، وينزويلا، ارجنٽينا، بوليويا — سڀني جا تجربا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته: پراڻي نظام کي عوامي بغاوت ذريعي ٽوڙڻ، نئين رياستي ڍانچي جي تعمير، ۽ سياسي، معاشي، سماجي ادارن جي مڪمل تبديلي کانسواءِ استحصالي نظام کان نجات نٿِي ملي.
سو سوشلسٽ سماج جي تعمير صرف تڏهن ممڪن آهي جڏهن: انقلابي پارٽي جو قيام ٿئي، انقلابي جدوجهد ذريعي اقتدار حاصل ڪيو وڃي. نئين نظام جي قيام بعد مسلسل نظرياتي جدوجهد جاري رهي. اهو ئي واحد رستو آهي جيڪو سماج کي ترقي ڏياري سوشلسٽ نظام تائين وٺي وڃي سگهي ٿو.