کٽمنڊو (م ڊ) نيپال ۾ ڪرپشن ۽ حڪمران اشرافيه جي ٻارن کي ملندڙ ناجائز فائدن خلاف پرتشدد مظاهرن کانپوءِ وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، ٽن وزيرن کانپوءِ نيپال جي وزيراعظم ڪي پي شرما اويلي ڪرپشن خلاف وڌندڙ احتجاجن سبب پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سوشل ميڊيا تي پابندي خلاف ٿيندڙ پرتشدد مظاهرن ۾ گهٽ ۾ گهٽ21 ڄڻا مارجي ويا ۽100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، پرڏيهي ميڊيا موجب، وزيراعظم جي استعيفيٰ کانپوءِ حڪومت سوشل ميڊيا تي لڳايل پابندي ختم ڪري ڇڏي، جڏهن ته کٽمنڊو ۾ اڻڄاتل مدي تائين ڪرفيو نافذ ڪيو ويو آهي ته جيئن وڌيڪ احتجاج روڪيا وڃن، احتجاج ڪندڙن ۾ ڪاوڙ گهٽجڻ بدران وڌيڪ وڌي وئي ۽ مظاهرين پارليامينٽ سامهون ۽ ٻين علائقن ۾ گڏ ٿي ويا، ڪجهه مظاهرين صدر،وزيراعظم سميت سياستدانن جي گهرن کي باهيون ڏنيون جنهن کان پوءِ ڪجهه وزيرن کي فوجي هيليڪاپٽرن وسيلي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو، فوج کي پارليامينٽ ۽ اهم ادارن جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيو ويو،اعليٰ حڪومتي عملدارن کي فوجي بئرسن ۾ سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته نيپال جي اڳوڻي وزيراعظم جهالا ناٿ کهنال جي زال راج لکشمي چترڪر هنگامن دوران پنهنجي گهر ۾ لڳل باهه سبب سخت زخمي ٿي پئي ۽ بعد ۾ زخم برداشت نه ڪري فوت ٿي وئي، نوجوانن جي هٿن ۾ بينر هيا جن تي لکيل هو ”بدعنواني بند ڪريو،سوشل ميڊيا نه“سوشل ميڊيا تي پابندي هٽايو“”نوجوان ڪرپشن جي خلاف آهن“ سوشل ميڊيا تي پابندي خلاف ٿيندڙ احتجاج کي ”جين زي جو احتجاج“ قرار ڏنو پيو وڃي،
-
نيپال ۾ انقلاب آڻيندڙن جو نعرو اقرباپروري خلاف هو
لاهور (امداد سومرو) نيپال ۾ نوجوانن سوشل ميڊيا سائيٽس تي پابندي تان حڪومت جو تخت اونڌو ڪري ڇڏيو. پاڪستان ۾ 60 سيڪڙو نوجوان نسل آهي، اهي پڻ جنريشن زي آهن جيڪي سوشل ايپس استعمال ڪن ٿا. پي ٽي آءِ وارا سمجهن ٿا ته شايد هتي به انقلاب اچي وڃي جيئن بنگلاديش ۾ ٿيو ۽ هاڻي نيپال ۾ ٿيو آهي. پاڪستان ۾ ڪڏهن انقلاب نٿو اچي سگهي ڇو ته هتي سڀني جا پنهنجا مفاد آهن. پي ٽي آءِ وارا چئي رهيا آهن ته پاڪستان ۾ انقلاب ڇو نٿو اچي؟ ملڪ ۾ مختلف مفاد رکڻ واريون قومون آهن. پي ٽي آءِ وارا ڪجهه چاهين ٿا ته اهو کين پاڻ کي ڪرڻو پوندو. هتي سڀ عمران خان جا حامي ناهن، اڌ کان گهٽ ماڻهو آهن. نيپال ۾ معاملو سوشل ميڊيا تي پابندي سان اٿيو پر جيڪو نعرو اٿيو اهو پنهنجا نوازي جو هو. يعنيٰ وڏا وڏا امير ماڻهو پنهنجا نوازي ڪري رهيا آهن ۽ نوجوانن ۾ شعور حڪمرانن ۽ اميرن ۽ غريبن سان ڀيٽي اجاڳر ڪيو ويو. بعد ۾ حڪومت گوڏا کوڙي ڇڏيا. جن حڪومت جو تخت اونڌو ڪيو انهن مان ڪجهه هندو بادشاهت جو مطالبو به ڪري رهيا آهن اهو به ڪجهه وقت ۾ ظاهر ٿي ويندو ته ان ۾ ڀارت جو ڪيترو هٿ هو چين نواز حڪومت جو خاتمو ڪرڻ ۾. نيپال ۾ سڀ سياسي پارٽيون نشانو هيون. اسڪول جا ٻار به يونيفارم ۾ ڪرپشن خلاف ٻاهر اچي ويا. سوشل ميڊيا ايپس ۾ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي نه لڳائي وئي هئي ڇو ته اهو چين جو آهي. سوشل ميڊيا رڳو انٽرٽينمينٽ نه پر ڪمائي جو ذريعو به آهي.