فيلڊ مارشل عاصم منير 18 سيپٽمبر تي لنڊن روانو ٿيندو؟

نيو يارڪ (شهباز گل) ذريعن موجب فيلڊ مارشل عاصم منير 18 سيپٽمبر تي لنڊن جي دوري تي روانا ٿيندو جتي هو ٽي ڏينهن ترسندو، جنهن کان پوءِ 21 سيپٽمبر تي نيويارڪ ۾ آمريڪي دوري لاءِ پهچڻ جو امڪان آهي. دورو اڃا حتمي ناهي، پر لنڊن ۽ آمريڪا ۾ سندس گروپ اڳواٽ ئي تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف به ساڳئي ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ موجود هوندو. شريف ڪٽنب آمريڪي صدر ٽرمپ سان ملاقات يا گهٽ ۾ گهٽ هڪ تصوير لاءِ سرگرم لابنگ ڪري رهيو آهي. مبصرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن شهباز شريف کي صدر ٽرمپ سان ملاقات جو موقعو ملي وڃي ٿو ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي اڪسٽينشن جو امڪان گهٽجي سگهي ٿو. جڏهن ته فوجي قيادت جي ڪوشش آهي ته آمريڪا ۾ اعليٰ سطحي ملاقاتن ۾ رڳو فيلڊ مارشل شامل ٿئي ۽ شريف خاندان کي خالي هٿين واپس موٽي. ذريعن جو چوڻ آهي ته عاصم منير جو دورو اصل ۾ ان وقت طئي ٿيو، جڏهن کيس اطلاع مليو ته شريف خاندان ٽرمپ سان سڌي ملاقات جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. تنهن ڪري فيلڊ مارشل به پنهنجي سفر جو شيڊول طئي ڪري ڇڏيو، پر حتمي فيصلو اڃا به آخري وقت تي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.