بدين( رپورٽ:رازق ڏنو کوسو) بدين ۽ ڀرپاسي برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، سم نالن جي حالت انتھائي خراب هجڻ سبب ٽنڊو باگو ڊرينج آر ڊي 63 وٽان سم نالواٿلي پيو. جنهن سبب ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ خوف واريء صورتحال آهي. نندو شھر جو سمورو برساتي پاڻي به سم نالي اندرڇوڙ ٿيڻ لڳو آهي. ڪيترائي ڳوٺ ھن وقت برساتي پاڻي ھيٺ آھن ساڳي طرح سان کوسڪي ٽائون جا سمورا وارڊ پاڻي ۾ ٻڏل آهن جنهن سبب خطرناڪ زھريلا نانگ به گھرن تي چڙھي آيا آهن. صحت مرڪز کوسڪي به مڪمل طور برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آهي. سم نالي ڀرسان ڳوٺ احمد ملاح ۔ علي نواز ڀرڳڙي۔ حاجي عبدالڪريم ڀرڳڙي ۔ مريد ملاح ۔ ماستر جمن کوسو۔ حاجي در محمد جت، پيرلطف علي، عزيز ڏيرو، سائين جمن درس، پاڌر موري ڳوٺن سميت سوين ڳوٺن ۾ خوف ڇانيل آھي.تڪ جا چونڊيل نمائدا مڪمل طور غائب آھن تيزبرساتن بعد گولاڙچي تعلقي ۾ ٻن شاخن کي گھارا پئج ويا. ترائي شھر ڀرسان امام واھ ء چڪ نمبر 22 وٽ سم نالي کي گھارو پئجي ويو 50 ڳوٺ سميت ھزارين ايڪڙن تي فصل ٻڏي ويو، پيپلزپارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر سجاد چانڊيو پهچي ويو،فوج ۽ ايس ايس پي بدين به گھاري واري جاء تي موجود رھيا.