صدر زرداري جي ضمانت تي نيب جي جوابدار جي پرڏيهه روانگي؟

اسلام آباد (اعزاز سيد/آصف بشير چوڌري) صدر آصف علي زرداري پنهنجي پراڻي دوستي نڀائيندي هڪ اهڙو قدم کنيو، جنهن تي سياسي حلقن ۾ ڳالهيون زور وٺي ويون آهن. صدر زرداري جي ويجهي دوست دينشا سريا کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ لاءِ ون ٽائيم پرمشن ڏني وئي، دينشا پارسي ڪميونٽي سان تعلق رکي ٿو ۽ گليڪسي ڪميونيڪيشنز ڪيس ۾ نيب جو جوابدار آهي. نيب جي سفارش تي دينشا جو نالو اي سي ايل، پي سي ايل ۽ پي اين ايل سميت ڪيترين ئي لسٽن ۾ شامل هو، پر صدر زرداري نيب چيئرمين ۽سان رابطا ڪري درخواست ڪئي ته سندن دوست کي پنهنجي فيملي جي شادي ۾ شرڪت لاءِ اجازت ڏني وڃي. نيب چيئرمين نظير بٽ ان کي منظور ڪيو ۽ 5 آگسٽ کان 30 آگسٽ تائين سفر جي اجازت ملي وئي. 7 آگسٽ تي جڏهن دينشا روانگي لاءِ ايئرپورٽ پهتو ته ڳجهن ادارن کيس روڪي ڇڏيو، پر بعد ۾ صدر زرداري جي خاطري ۽ اعليٰ سطح تي ٿيندڙ رابطن کان پوءِ کيس اجازت ملي ۽ هو وچ اوڀر۾ پنهنجي پٽ جي شادي ۾ شرڪت لاءِ ويو. هو 28 آگسٽ تي خير سلامتي سان واپس به اچي ويو. ياد رهي ته دينشا سريا فيڪ اڪائونٽس ۽ ٻين ڪيسن ۾ آصف علي زرداري ۽ ملڪ رياض سان گڏ ڪو اڪيوزڊ آهي. زرداري صاحب سدائين دوستن جو دوست سڏجندو رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.