نون صوبن جو خيال فوج جي ٿنڪ ٽئنڪ ڏنو آهي:شبر زيدي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته نوان صوبا ٺاهڻ جي ايجنڊا فوج جي ٿنڪ ٽئنڪ جاري ڪئي آهي، جنهن زور شور سان اهو معاملو اٿاريو پيو وڃي، اهو نظر اچي ٿو ته ڪا سنجيده تياري ٿي رهي آهي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان گهٽ ۾ گهٽ 15 سال اڳ توهان جي هن ئي فورم ۾ اهو چيو هو ته نوان صوبا ٺاهڻ گهرجن، هڪ دليل ضرور ڏنو ويندو آهي ته نون صوبن سان خرچ وڌي ويندو، اصل ڳالهه خرچ وڌڻ جي نه آهي. ڳالهه تمام سادي آهي ته پاڪستان ۾ جيڪي به ماڻهو اهميت رکن ٿا ـ مريم نواز، مراد علي شاهه، علي امين گنڊاپور، سموري بيروڪريسي ۽ اسٽيبلشمينٽ ـ اهي موجوده اسٽيٽس ڪو کي ڊسٽرب ڪرڻ نٿا چاهين. پر حقيقت ۾ هي اسٽيٽس ڪو ڊليور نٿو ڪري، ۽ سسٽم نه پيو هلي،هن چيو ته منهنجي خيال ۾ اسٽيٽس ڪو زمين بوس ٿي رهيو آهي، پر حڪمرانن جي خيال ۾ ايئن نه پيو ٿئي. کين ته فائدو آهي، اهي غيرملڪي دورن تي وڃي رهيا آهن، هن چيو ته اين ايف سي ۾ وياج جي ادائيگي صوبن کي ورهاست کانپوءِ ٿيندي آهي جيڪو بچندو آهي اهو وياج کان به گهٽ آهي،صوبن ۾ ورڇ بابت ڪو جهيڙو ناهي،وفاق وٽ پئسا ناهن،صوبن جي حصي مان ڪٽوتي ڪرڻي پوندي،هاڻي مراد علي شاهه،مريم نواز سميت سڀ وڏا وزير پريشان آهن،هن چيو ته آڪٽراءِ ڪراچي جي آمدني هئي،ان کي سيلز ٽيڪس ۾ شامل ڪري وڏو ڏوهه ڪيو ويو، ان ۾ مراد علي شاهه ۽ شهبازشريف  برابر جا شريڪ آهن،پاڪستان جي جيڪا مالي حالت آهي موجوده نظام هلي ئي نٿو سگهي،ان کي ٽوڙي نئون ٺاهڻو پوندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.