سکر (رپورٽ: شفيع محمد ابڙو) سکر ۾ هڪ ٻيو دل ڏکائيندڙ واقعو پيش آيو، سبزي منڊي ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري چاچي ۽ ڀائيٽي کي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، هي افسوسناڪ واقعو تڏهن پيش آيو جڏهن سليم کوسو ۽ ثناءُ الله کوسو شاهه فيصل ڪالوني کان دڪان ڏانهن وڃي رهيا هئا ته تاڙ ۾ ويٺل جوابدارن سندن جو پيڇو ڪندي اوچتو فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي آواز سڄي علائقي ۾ خوف هراس پکڙجي ويو، ڀاڄيون خريد ڪندڙن ۾ ڀاڄ پئجي وئي شهري پنهنجون جانيون بچائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا،گوليون لڳڻ سبب ٻنهي ڄڻن ٿڏي تي دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهن ته جوابدار آسانيءَ سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي لاش سول اسپتال منتقل ڪيا. پوليس جي ابتدائي رپورٽ موجب اهو واقعو ڦر نه پر ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو، ٻي پاسي شهرين مطالبو ڪيو آهي ته هن بي رحماڻي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري کين سزا ڏني وڃي.