اسلام آباد (بيورو) ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) هڪ لک ميٽرڪ ٽن کنڊ جي درآمد لاءِ ٽينڊر کولي ڇڏيو آهي، ٽي سي پي کي گذريل ٽينڊر جي مقابلي ۾ گهٽ اگهه تي 5 ٻوليون مليون، جن بابت رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽي سي پي 8 سيپٽمبر تي هڪ لک ميٽرڪ ٽن کنڊ جو ٽينڊر کوليو، جنهن تحت 545 ڊالر کان 578.50 ڊالر في ميٽرڪ ٽن تائين ٻوليون مليون، ٽينڊر تحت گهٽ ۾ گهٽ 545 ڊالر في ميٽرڪ ٽن جي ٻولي يو اي اي جي ڪمپني ڏني، ٽي سي پي کنڊ جو ٽينڊر ايوارڊ ڪرڻ بابت فيصلو بعد ۾ ڪندي.
-
ايف پي ايس سي طرفان لکت امتحان ختم ڪرڻ خلاف عدالت ۾ درخواست
ڪراچي (رپورٽر ) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ لکت امتحان ختم ڪري ايم سي ڪيوز امتحان ڪرڻ جو معاملي جي سلسلي ۾سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن جي فيصلي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت وفاقي حڪومت، ايف پي ايس سي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ٽن هفتن اندر ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو، درخواستگذار اشفاق پنهور جو چوڻ هو ته ايف پي ايس سي لکت امتحان ختم ڪري ڇڏيو آهي، لکت امتحان جي جاءِ تي ايم سي ڪيوز امتحان وٺبو، درخواستگذار موجب هن فيصلي سان ميرٽ کي نقصان ٿيندو، پڙهيل لکيل نوجوانن بدران سفارش تي چونڊيل ۽ رٽا لڳائڻ وارا نوجوان پاس ٿيندا، عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته ايف پي ايس سي جو هي فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، درخواست ۾ وفاقي حڪومت، ايف پي ايس سي ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي، عدالت وفاقي حڪومت، ايف پي ايس سي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
-
رپئي جي بي قدري سان ملڪ جا معاشي مسئلا حل نه ٿيندا: گوهر اعجاز
اسلام آباد (بيورو) ايڪنامڪ پاليسي اينڊ بزنس ڊولپمينٽ جي چيئرمين ۽ اڳوڻي نگران وزير گوهر اعجاز ڊالر مهانگو ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته رپئي جي بي قدري (ڊي ويليويشن) سان معاشي مسئلا حل نٿا ٿين، جڏهن ته ٽيڪس چور مارڪيٽ مان 3 سيڪڙو مهانگو ڊالر خريد ڪري خوف پيدا ڪن پيا، سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ گوهر اعجاز چيو ته رپئي جي بي قدري سان ڊالر جي کوٽ ختم نه ٿيندي، ڇوته ذخيره اندوز مارڪيٽ مان وڌيڪ قيمت تي ڊالر خريد ڪن ٿا، هن چيو ته ٽيڪس چور به مارڪيٽ مان 3 سيڪڙو مهانگو ڊالر وٺي عوام ۾ خوف پکيڙي رهيا آهن، گوهر اعجاز جو چوڻ هو ته اسان جي معاشي حڪمت عملي ٺاهيندڙن کي ڊالر جي کوٽ جو خوف ٿي ويندو آهي، جڏهنته انهن معاشي جادوگرن گذريل 50 سالن ۾ رپئي جي قدر گهٽائي ڇڏيو آهي۔ پاڪستان کي ضرورت آهي ته روپئي جي بي قدري بدران برآمدات ۾ اضافو ڪيو وڃي.
-
سوشل ميڊيا تي ادارتي وقار جو خيال رکيو وڃي: چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي ضلعي عدالتن جي ججز ۽ عملدارن کي سوشل ميڊيا جي استعمال بابت نئون مراسلو ڪيو ويو آهي، انسپيڪشن ٽيم ميمبر جي مراسلي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ضابطن جي ڀڃڪڙي تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته ججز ۽ عملو سوشل ميڊيا استعمال ڪندي نظم و ضبط ۽ ادارتي وقار جو خاص خيال رکن،مراسلي ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ججز ۽ عملو سوشل ميڊيا تي عدالتي ڪارروائي، دستاويز يا حساس معلومات شيئر نه ڪن، ڇوته اها سنڌ سول سرونٽس رولز جي ڀڃڪڙي آهي، ان سان گڏ زيرالتوا ڪيسن، فيصلا ٿيل ڪيسن يا عدالتي پاليسين بابت پوسٽس ۽ ڪمينٽس کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، مراسلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ججز ۽ عملدار سياسي، فرقيواراڻي يا قابل اعتراض مواد شايع ڪرڻ کان پرهيز ڪن، اهڙو مواد نه شيئر ڪيو وڃي جيڪو اداري جي شهرت کي نقصان پهچائي يا توهين عدالت جي زمري ۾ اچي، ٻي صورت ۾تاديبي ڪارروائي ڪئي ويندي، ججز ۽ عملو پنهنجو عهدو ذاتي مشهوري يا ڪاروباري فائدي لاءِ استعمال نه ڪن، نون رابطن ۾ احتياط رکن ۽ مفادن جي ٽڪراءُ کان بچڻ لاءِ محتاط رويو اختيار ڪن.