گلستانِ جوهر ۾ اپارٽمينٽ دٻجڻ لڳو، عمارت جا ٻه بلاڪ سيل

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي علائقي  گلستانِ جوهر ۾ واقع هڪ رهائشي اپارٽمينٽ دٻجي ويو،جنهن بعد عمارت جا ٻه بلاڪ خطرناڪ قرار ڏئي خالي ڪرايا ويا آهن. گلستانِ جوهر بلاڪ 10 ۾ واقع عمارت چار بلاڪن تي مشتمل آهي، جن مان ٻن بلاڪن جي هيٺان زمين ويهي وئي. رهواسين ٻڌايو ته رات جو 5 وڳي ڌماڪي جهڙو آواز آيو، جنهن سبب دروازا ۽ شيشا ڀڄي پيا. جڏهن ٻاهر نڪري ڏٺو ته زمين ويٺل هئي. واقعي جي اطلاع تي اسسٽنٽ ڪمشنر گلشن اقبال ٽيم سان گڏ واقعي واري هنڌ پهتو، جڏهن ته پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن به فوري ڪارروائي ڪئي. ان کانپوءِ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (SBCA) جي عملدارن عمارت جو جائزو وٺي، ان کي خطري جوڳي قرار ڏنو ۽ ٻن بلاڪن کي خالي ڪرائي سيل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.