کٽمنڊو (م ڊ) حڪومتي بدعنوانين ۽ سوشل ميڊيا تي پابندين خلاف نيپال ۾ هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، مظاهرين پارليامينٽ جو گهيراءُ ڪري ورتو، پوليس ۽ مظاهرين ۾ جهيڙن دوران 14 ڄڻا مارجي ويا ۽ 87 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، عالمي ميڊيا موجب کٽمنڊو پوليس جي ترجمان شيکر ڪنال ٻڌايو ته هن وقت تائين تائين 14 مظاهرين جي موت جي تصديق ٿي چڪي آهي ۽ 87 کان وڌيڪ آهن، احتجاج تڏهن پرتشدد بڻجي ويو جڏهن مظاهرين پارليامينٽ جي ويجهو ريڊ زون ۾ داخل ٿي ويا ۽ ڪنڊيدار تارن کي پار ڪري اڱڻ ۾ داخل ٿي ويا، پوليس مظاهرين کي ڇڙو ڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس، واٽر ڪينن ۽ رٻڙ جي گولين جو استعمال ڪيو، جڏهن ته ويجهي سول اسپتال ۾ به ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا اثر پهتا، اسپتال جي آفيسر رنجنا نيپال چيو ته ڊاڪٽرن لاءِ ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، اهڙي صورتحال اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي آهي، عملدارن پارليامينٽ، صدر جي رهائشگاهه ۽ وزيراعظم جي آفيس سميت ڪيترن ئي اهم علائقن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو، ٻين ضلعن ۾ به احتجاج جاري رکيو ويو، نيپالي شاگردن موجب اسان صرف سوشل ميڊيا تي پابندي خلاف نه پر اداري جي ڪرپشن خلاف به آواز اٿاري رهيا آهيون.