ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ مينهنن جي پيش نظر چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ هڪ هنگامي اجلاس منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وھاب، سيڪريٽري بلديات، سيڪريٽري اطلاعات، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ، ڊي جي پي ڊي ايم اي، ريسڪيو 1122، واٽر بورڊ، ڪي اليڪٽرڪ، ڪي ڊي اي، ڪي ايم سي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا عملدار شريڪ ٿيا۔ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مينهن دوران شھرين کي بروقت ۽ صحيح ڄاڻ مهيا ڪرڻ لاءِ خاص قدم کنيا ويندا۔ ٽريفڪ جي صورتحال ۽ ڊائيوَرجن بابت شھرين کي ٽريفڪ پوليس جي ايف ايم 88.6 ۽ ٻين ذريعن ذريعي لڳاتار آگاهه ڪيو ويندو ته جيئن ڪنهن به هنڌ شھرين کي تڪليف جو منهن نه ڏسڻو پوي۔ چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه چيو ته گذريل مينهن ۾ متبادل رستن بابت بروقت ڄاڻ نه ڏيڻ سبب شھرين کي وڏي پريشاني ۽ ٽريفڪ جام کي منهن ڏيڻو پيو۔ پي ڊي ايم اي کي ھدايت ڏني وئي ته هو ڊيو واٽرنگ مشينز ۽ پمپس سان گڏ فيلڊ ۾ موجود رهي، جيئن برساتي پاڻي جي فوري نيڪال کي يقيني بڻائي سگهجي ڪي ڊي اي جي مشينري کي به اهم هنڌن تي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏھن ته ڪي ايم سي پاران شھرين جي سهولت لاءِ ڪيمپ قائم ڪيا ويندا، جتي رهنمائي ۽ فوري مدد فراهم ڪئي ويندي۔ ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وھاب اجلاس ۾ ٻڌايو ته شھر جي نالن ۽ چوڪنگ پوائنٽن کي صاف ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو ويو