ڪراچي (رپورٽر/پ ر) صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جو چوڻ آهي ته ڪچي جي علائقن ۽ سامونڊي پٽي ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي جيڪڏهن ڏوهاري هٿيار ڦٽا ڪرڻ چاهين ٿا ته قانون تي عمل ڪيو وڃي، ڪراچي ۾ ڪچي جي علائقن بابت مانيٽرنگ ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت صوبائي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ڪئي. اجلاس ۾ ڪچي جي صورتحال، آپريشنز جي تفصيلن ۽ حڪومتي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. بريفنگ دوران اي آءِ جي آپريشنز ٻڌايو ته ڏوهارين خلاف يقيني ڪاميابي لاءِ پوليس کي جديد اوزارن جي گهرج آهي، پوليس کي هٿيارن ۽ محفوظ گاڏين جي فوري ضرورت آهي، جڏهن ته ڪچي جي علائقن ۾ قائم چيڪ پوسٽن تي سهولتن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻو پوندو، بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته جديد هٿيارن ۽ اوزارن کانسواءِ پوليس کي معياري تربيت ڏيڻ جي به ضرورت آهي. صوبائي گهرو وزير چيو ته اسان اڳ ۾ ئي گهڻي دير ڪري چڪا آهيون ۽ ان ڪري ڏوهارين خلاف آپريشن مڪمل نه ٿي سگهيو، پر هاڻي هر صورت ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن جو ڪامياب انجام ڏيڻو آهي، هٿيار ڦٽا ڪرڻ يا پاڻ کي قانون جي حوالي ڪرڻ بابت قانون بلڪل واضح آهي.