ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: عرفان علي کوسو)ڪنڌڪوٽ ڪي ڪي بند تي برسات بعد صورتحال خراب ٿي پئي، 30 کان وڌيڪ پٿر سان ڀريل ڊمپر ڦاسي پيا، برسات سبب ڪچو رستو اچ وڃ جهڙو نه رهيو، پٿر سان ڀريل ڊمپر 18 ميل ڪي ڪي بند تي نه پهچي سگهيا، برسات سبب ڪي ڪي بند تي بند جي مضبوطي وارو ڪم ڏکيائين جو شڪار آهي.ڪي ڪي بند ڀر سان ڦاٿل پٿرن سان ڀريل ڊمپر کي بند تائين پهچائڻ يا رستو صاف ڪرائڻ لاءِ آبپاشي عملدارن سميت ضلعي انتظاميا سجاڳ نه ٿي سگهي، 30 کان وڌيڪ پٿر سان ڀريل ڊمپرز جا ڊرائيور پريشان هئا. ڊمپر ڊرائيورن جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بيٺل آهيون مشينري آڻي رستو صاف ڪيو وڃي جئين اسين اڳتي پٿر پهچائي واپس وڃي سگهون، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان بيٺل آهيون ڪنهن به اسان جي سار ناهي لڌي، اها ئي صورتحال رهي ته ٻيهر بند تي پٿر کڻي نه اينداسين.