ابراهيم حيدري (رپورٽ: اعجاز شيخ) ابراهيم حيدري جي ماهيگيرن جي ٻيڙي کليل سمنڊ جي کڏي ڪريڪ لڳ اونڌي ٿي ٻڏي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ابراهيم حيدري واسي هڪ ماهيگير سومار ولد بجار ٻڏي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٽن ماهيگيرن علي اصغر، عابد ۽ ڪبير کي بچايو ويو آهي، ٻيڙي حادثي سبب ماهيگيرن جي گهرن ۾ روڄ راڙو مچي ويو. فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن فاطمه مجيد چيو ته حادثي جو شڪار ٻيڙي ننڍڙي هئي، متاثرن جي ڪٽنبن جي مالي مدد ۽ واهر ڪرڻ ضروري آهي.