سڪرنڊ(رپورٽ:راج ڪماراوڏ) سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران سيد زين شاهه مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي. هڙتال سبب شهر جا مکيه ڪاروباري مرڪز نوابشاهه روڊ ، قاضي احمد روڊ ، حيدرآباد روڊ ، سينيما چوڪ ، شاهي بازار ، سونارا بازار سميت ٻيا ڪاروباري مرڪز بند رهيا. ان موقعي تي اڳواڻن فلڪ شير اوڏ ، قاسم سومرو ، محمد علي جلباڻي ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته سيد زين شاهه کي سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ ڪئنالن خلاف تحريڪ هلائڻ ۽ مورو مارچ ڪرڻ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن سنڌ اندر انڌير نگري چرٻٽ راجا وارو نظام رائج ڪيو ويو آهي. سيد زين شاهه سنڌ جي حقن جي ماڻهن لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو آهي. جنهن سبب انتقامي ڪارروائين جو نشانو بنايو پيو وڃي.