درياءَ جا رستا نه روڪيا وڃن:اياز پليجو

لنڊن(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي لنڊن ۾ انجنيئر ھاشم عباسي، لالچند، جميل رخشاني، سجاد پٺاڻ، راجا ڀون ۽ ٻين پاران ڏنل آجياڻين کي خطاب ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جڏهن به جدوجهد جو وقت آيو آهي ته سڀ کان پهرين سنڌين جدوجهد ڪئي آهي، اينٽي ون يونٽ هجي، ايم آر ڊي تحريڪ هجي، ڀٽي جي ڦاسي خلاف جدوجهد هجي هميشه سنڌ جدوجهد ۾ رهي آهي ، سنڌ جو پيغام آهي امن، رواداري، ڀائيچاري وارو پاڪستان کي ان تي هلڻ کپي پاليسي سازن کي پنهنجي کوپڙي وسيع ڪرڻ گهرجي،هن چيو ته ڪنهن به  ڊيم يا ڪينال ٺاهڻ جي ضرورت نه آهي نه  ئي اسان ٺاهڻ ڏينداسين،هن چيو ته سنڌ جي زمينن جو معاملو به ائين آهي، جيئن جي ڪنهن ضلعي ۾ هڪ مخصوص تعلقو، هڪ خاص علائقو ٺاهيندا جيڪو خاص ماڻهن لاءِ هوندو جنهن سان اهو سڄو ضلعو ڪنٽرول هوندو۔ اها پاليسي تمام خطرناڪ آهي،هن چيو ته پاڪستان جي ماڻهن کي محبت سان جوڙي رکجي، پاڪستان لاء قرارداد سنڌ پيش ڪئي، پاڻي جا رستا روڪڻ جي ڪري هي نقصان ٿئي پيو، درياء جا رستا نه روڪين، ٻيلا تباھ نه ڪن، ماحوليات سان ڇيڙڇاڙ نہ ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.