ابراهيم حيدري جي مهاڻن جي ٻيڙي اونڌي، هڪ ڄڻو فوت

ابراهيم حيدري (رپورٽ: اعجاز شيخ) ابراهيم حيدري جي ماهيگيرن جي ٻيڙي کليل سمنڊ جي کڏي ڪريڪ لڳ اونڌي ٿي ٻڏي وئي، جنهن جي نتيجي  ۾ ابراهيم حيدري واسي هڪ ماهيگير سومار ولد بجار ٻڏي فوت ٿي ويو، جڏهن ته ٽن ماهيگيرن علي اصغر، عابد ۽ ڪبير کي بچايو  ويو آهي، ٻيڙي حادثي سبب ماهيگيرن جي گهرن ۾ روڄ راڙو مچي ويو. فشرمين ڪوآپريٽو سوسائٽي جي چيئرپرسن فاطمه مجيد چيو ته حادثي جو شڪار ٻيڙي ننڍڙي هئي،  متاثرن جي ڪٽنبن جي مالي مدد ۽ واهر ڪرڻ ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.