برساتي سسٽم ڊيپ ڊپريشن ۾ تبديل، ڪراچي ۾ ٻوڏ جو امڪان

ڪراچي (رپورٽر) موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ سيپٽمبر دوران پهريون ڀيرو مون سون ڊيپ ڊپريشن جي صورت اختيار ڪئي آهي، هي سسٽم ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ 10 سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان تيز برسات جو سبب بڻجي سگهي ٿو، موسميات کاتي جي ترجمان انجم نذير موجب برسات جو هي سسٽم موجود آهي ۽ ان جو مرڪز ٿرپارڪر ۾ آهي، اهڙي شدت واري سسٽم ۾ 60 کان 70 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون به گهلي سگهن ٿيون، هي سسٽم سخت طوفاني برسات جو سبب بڻجي سگهي ٿو، اڄ هي سسٽم شهر جي ويجهو گذرندو ۽ ڪراچي جي صورتحال خراب رهڻ جو امڪان آهي، اڄ ڪراچي ۾ سخت برسات سبب شهر جي ڪمزور انفراسٽرڪچر سبب روڊن تي اربن فلڊنگ جو خطرو آهي، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي گڏ ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته شهرين کي صلاح آهي ته ڪمزور انفراسٽرڪچر کان پري رهن ۽ تيز برسات جي صورت ۾ گهرن ۾ ئي رهن، هن اهو به ٻڌايو ته هن اسپيل دوران ڪراچي ۾ 100 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات پئجي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.