حيدرآباد/ سکر (رپورٽر) سنڌو درياءٓ ۾ پاڻي جي وھڪرن ۾ مسلسل واڌ ٿي رھي آھي. آبپاشي کاتي موجب گڊو بئراج ۾ مٿانھون وھڪرو 4 لک 25 ھزار ڪيوسڪ ، ھيٺاهون وھڪرو 4 لک 16ھزار ڪيوسڪ آھي رڪارڊ ڪيو ويو، جڏھن تہ سکر بئراج ۾ مٿانھون وھڪرو 3 لک 52 ھزار ڪيوسڪ، ھيٺاهون وھڪرو 3 لک 29 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڪوٽڙي بئراج ۾ مٿانھون وھڪرو 2 لک 26 ھزار ڪيوسڪ، ھيٺاهون وھڪرو 2 لک 31 ھزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي، ذريعن موجب ھڪ ھفتي ۾ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جو ھڪ وڏو وهڪرو پڄندو جيڪو 5 کان 6 لک ڪيوسڪ ٻڌايو پيو وڃي جڏھن تہ سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ڪئنالن ۾ لاڳيتو پنجن ڏينھن کان لاٿ آھي. پنجند بئراج تي وهڪرو6 لک 9 هزار ڪيوسڪ ٿيو آهي. مانيٽرنگ سيل جي رپورٽ مطابق تريمون بئراج تي پاڻي جو وهڪرو 5 لک 47 هزار 579 ڪيوسڪ برقرار آهي.