گڊو (رپورٽ:بيورڪ خان لنجواني) سنڌو درياءُ ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گڊو بئراج وٽ هن وقت وچولي درجي جي ٻوڏ جي صورتحال آهي۔ موجوده حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ سنڌ جي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو، فوڪل پرسن مڪيش ڪمار چاولا، شبير بجاراڻي، نادر مگسي ۽ ٻين صوبائي وزيرن گڊو بئراج جو دورو ڪيو، ميڊيا سان ڳالهائيندي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو ته پنجند وٽ 6 لک 9 هزار ڪيوسڪ پاڻي پهتو، جڏهن ته چاچڙان وٽان 8 لک ڪيوسڪ پاڻي گڊو بئراج ڏانهن وڌي رهيو آهي۔ ڪچي جي علائقن ۾ ٻه لک آبادي متاثر ٿي سگهي ٿي، جن لاءِ 70 ڪيمپن ۽ 40 ٻيڙين جو بندوبست ڪيو ويو آهي۔ گڊو کان سکر تائين 30 اسڪول ۽ هڪ مرڪز صحت پڻ متاثر ٿيو آهي۔ ڄام خان شورو چيو ته پهرين ترجيح عورتن ۽ ٻارن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ آهي، جڏهن ته سکر بئراج وٽان پاڻي ڪوٽڙي ڏانهن موڪليو پيو وڃي، جيڪو آخرڪار سمنڊ ۾ شامل ٿيندو، هن وڌيڪ چيو ته انشاالله ٻوڏ جو ريلو خيريت سان گذري سمنڊ ۾ پهچي ويندو، بند ٽوڙڻ جو ڪو آپشن ناهي۔ پاڻي وڌڻ تي ايس او پيز تحت بئراج جا گيٽ کوليا وڃن ٿا، ڪئنالن کي بند نه ڪيو ويو آهي۔ ڪوشش آهي ته بندن تي دٻاءُ نه پوي.