اسلام آباد(بيورو) آمريڪي ڪمپني يو ايس اسٽريٽيجڪ ميٽلز پاڪستان ۾ اهم معدنيات بابت فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون آهن، آمريڪي سفارتخاني طرفان جاري بيان موجب يو ايس اسٽرٽيجڪ ميٽلز (USSM) جو هڪ وفد، جنهن سان گڏ اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني جو قائم مقام ڊپٽي چيف آف مشن زيڪ هارڪن رائيڊر به موجود هو، جنهن ڪالهه وزيراعظم هائوس ۾ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن ايف ڊبليو او) سان هڪ مفاهمتي يادداشت (MOU) تي صحيحون ڪيون، ان دوران تقريب کي خطاب ڪندي آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر چيو ته اهي صحيحون آمريڪا ۽ پاڪستان جي ٻطرفي لاڳاپن جي مضبوطي جي هڪ ٻي مثال آهن، جيڪي ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند هونديون، هن وڌيڪ چيو ته ٽرمپ انتظاميا اهڙن معاهدن کي پنهنجي پهرين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي، ڇو ته اهم معدني وسيلا آمريڪا جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ نهايت اهم آهن، اسان مستقبل ۾ آمريڪي ڪمپنين ۽ پاڪستان ۾ انهن جي شرڪتدارن وچ ۾ معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ وڌيڪ معاهدن جا منتظر آهيون، آمريڪي رياست ميزوري ۾ قائم يو ايس اسٽرٽيجڪ ميٽلز اهم معدنيات جي تياري ۽ ري سائيڪلنگ تي ڌيان ڏئي ٿي، جن کي آمريڪي توانائي کاتي جديد مينوفيڪچرنگ ۽ توانائي جي پيداوار سان لاڳاپيل مختلف ٽيڪنالاجيز لاءِ لازمي قرار ڏنو آهي،