سنڌ سرڪار تي دٻاءُ،معدنيات تي صوبائي سرڪار لچڪ ڏيکاريندي؟

لاهور(امداد سومرو)اين ايف سي،ڪئنالن ۽ معدنيات تي سودي بازي لاءِ سنڌ سرڪار تي دٻاءُ وڌي ويو آهي،ڪراچي جي هر محفل ۾ اهو ذڪر ڇڙي پيو آهي ته سنڌ حڪومت خطري ۾ هوندي، جيڪڏهن واقعي ڪا سنجيده ڪوشش ڪئي وئي ته پهرين مرحلي ۾ سنڌ حڪومت جي اهم اڳواڻن جي ويجهن ماڻهن کي ٽارگيٽ ڪيو ويندو،سوال اهو آهي ته پوءِ پيپلز پارٽي جي حڪمت عملي ڇا هوندي؟ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ محفل ۾ وزيراعليٰ مراد علي شاهه ڪجهه اهم ڳالهيون ڪيون هيون،ڪراچي مان خبرون آهن ته سنڌ ۾ اهم ترين عهدو رکندڙ جي ويجهن ماڻهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي يا لسٽن ۾ شامل ڪيو ويو آهي۔ مثال طور(م ش)کي جهاز تان لاهي پڇا ڳاڇا بعد ڇڏيو ويو(ا ق) کان به جاچ ٿي آهي، (س ب) بابت به ڳالهيون هلن ٿيون ته هن کي به حراست ۾ ورتو ويو هو،،سنڌ جي ٻن وڏين اهم شخصيت جا ويجها ماڻهو به لسٽن ۾ آهن۔خبرن موجب اها سڄي اڳواٽ تياري آهي اين ايف سي ايوارڊ ۽ معدنيات (منرلز) جي ورهاست جي معاملي تي وڏو وزير ۽ صوبائي وزير وڏي آواز سان صوبي جو حق گهري رهيا آهن، تنهنڪري کين دٻاءُ هيٺ آندو پيو وڃي۔ پيغام اهو آهي ته اين ايف سي،معدنيات ۽ ڪئنالن واري معاملي تي جيڪڏهن سنڌ حڪومت  لچڪ جو مظاهرو  نه ڪيو ته نيب، ايف آءِ اي يا ٻيا ادارا استعمال ڪيا ويندا۔ڪراچي ۾ سياسي حلقن ۾ صرف هڪ ئي سوال آهي ڇا ٿيندو؟ پر سنڌ ۾ اهم ترين عهدو رکندڙ چئي رهيو آهي ته سڀ ٺيڪ آهي،شيون اسان جي ڪنٽرول ۾ آهن۔ ڪجهه ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ سان حڪومت جو وڏو نقصان نه ٿيندو.سنڌ حڪومت جا ڪرتا ڌرتا سمجهن ٿا ته اين ايف سي ۽ معدنيات تي سمجھوتو نه ڪيو ويو ته به عوامي سطح تي سياسي فائدو ملندو۔ٻئي طرف، اهو به ممڪن آهي ته پيپلز پارٽي ڪجهه حد تائين معدنيات جي معاملي ۾ لچڪ جو مظاهرو، جيئن ماضي ۾ ڪجهه ٻين معاملن تي لچڪ ڏيکاري وئي هئي، جڏهن ته اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ واري معاملي تي سنڌ سان گڏوگڏ پنجاب پاران مزاحمت جو امڪان آهي،پر پهرين مرحلي ۾ سنڌ ۾ اهم ترين عهدا رکندڙن کي سوڙهو ڪرڻ جو فيصلو ٿيل آهي

  1. سنڌ ۾ اهم ترين عهدو رکندڙ جي تبديلي:ٻين لاءِ به ڏچو ٿيندو؟

ڪراچي(حنيف دوامي)سنڌ ۾ اهم ترين عهدو رکندڙ ڪرسي وڃڻ جي صورت ۾ ٻين لاءِ به خطري جو گهنڊ وڄائي ڇڏيو،ذريعن موجب سنڌ ۾ اهم ترين عهدو رکندڙ جي تبديلي جون ڳالهيون هلي رهيون آهن،جنهن تي هن پاڻ سان گڏ ٻين کي به گهر موڪلرائڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي،پ پ جي اهم ترين شخصيت ڪجهه ڏينهن کان ڪراچي ۾ ترسيل هئي،ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ جي اهم ترين شخصيت سنڌ ۾ اهم ترين عهدو رکندڙ کي ”رام“ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ جي ڪچي جي زمين جي ”ادارن“ کي  منتقلي لاءِ به دٻاءُ آهي،اهو به چيو پيو وڃي ته سنڌ ۾ اهم ترين عهدو رکندڙ پنهنجي پارٽي جي قيادت کي چيو آهي ته هو اهو ڪم نٿو ڪري سگهي،ٻيو ته کيس نااهل نه ڪرايو وڃي بلڪه وچ وارو رستو ڪڍيو وڃي،ذريعن موجب هڪ کنڀيل فرنٽ مين(ا ق) مختلف ملڪن ۾ 93 جائيدادن جو انڪشاف ڪيو آهي،هڪ ٻئي فرنٽ مين(س ب) به ادارن آڏو  اهم انڪشاف ڪري ڇڏيا آهن،ٻٽي شهريت وارو ڪيس به اهم ترين عهدو رکندڙ لاءِ پريشاني جو سبب بڻيل آهي، ذريعن موجب 14 سيپٽمبر کانپوءِ جيڪڏهن سنڌ ۾ اهم ترين عهدو رکندڙ اين ايف سي بابت اجلاس ۾ شريڪ ٿيو نه ته اهو سمجهيو وڃي ته سنڌ جي ناڻي جي ڪيس تي سمجهوتو ٿي چڪو آهي،بظاهر ته اها واويلا ڪئي ويندي ته ”اسان سنڌ جي حقن تي ڪو به سودو نه ڪنداسين“ پر اندرون خانه اين ايف سي تي ڊيل ٿي چڪي هوندي، ٻيو وڏو مسئلو ملڪ  جي طاقتور ترين شخصيت جي ايڪسٽنشن جو آهي،طاقتور ڌرين جو دٻاءُ آهي ته هن سيپٽمبر جي مهيني ۾ ئي ايڪسٽنشن ڏني وڃي،نوازشريف جو موقف آهي ته 2027ع تائين مقرري ٿيل آهي ان کانپوءِ ايڪسٽينشن ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته طاقتور ڌرين جو چوڻ آهي ته هن ئي مهيني 5 سالن تائين طاقتور ترين شخصيت جي ملازمت مدي ۾ واڌ ڪئي وڃي،ٻنهي ڌرين ۾ اعتماد جي کوٽ نظر اچي رهي آهي، ٻئي پاسي سنڌ جو گورنر ڪراچي جي هڪ جماعت جي مرده گهوڙي ۾ جان وجهڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي،ان سلسلي ۾ کيس اڃا تائين ڪا خاص ڪاميابي نه ملي سگهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.