جماعت اسلامي سنڌ پاران بي اين پي جي جلسي ۾ ڌماڪي جي مذمت

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڪوئيٽا ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) جي جلسي ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته صوبي ۾ امن ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي. هن هڪ بيان ۾ چيو ته سياسي اڳواڻن ۽ سياسي ميڙاڪن سميت شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي، پر دشمن جي سازشن ۽ حڪومت جي نااهلي جي ڪري خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان سميت سڄو ملڪ دهشتگردي جي لپيٽ ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.