اختر مينگل تي حملو ناقص سيڪيورٽي جو نتيجو آهي:تاج مري

ڪراچي(رپورٽر)نيشل پارٽي سنڌ جي صدر تاج مري،جنرل سيڪريٽري مجيد ساجدي،سينيئر نائب صدر طالب جکرا،اطلاعات سيڪريٽري مرزا مقصود ۽ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري غلام نبي ڀراني هڪ بيان ۾ سردار عطاءُ الله مينگل جي ورسي واري جلسي ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، جنهن ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ سياسي ڪارڪن شهيد ٿيا،پارٽي اڳواڻن چيو ته حڪومت جي ذميواري هئي ته جلسي جي جڳهه تي بهترين سيڪيورٽي انتظام ڪيا وڃن ھا پر ناقص سيڪيورٽي سبب وڏو سانحو پيش آيو، ھنن وڌيڪ چيو آھي ته پرامن پارلياماني سياست کي روڪڻ جي سازش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي ۽ ترقي پسند جمهوري قوتون اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.