حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ لال جروار ۽ عبدالقادر رانٽو چيو آهي ته ڪوئيٽا سرياب ۾ اختر مينگل جي جلسي تي بم ڌماڪو انتهائي افسوسناڪ آهي، جنهن ۾ 13 ڄڻا مارجي ويا ۽ 35 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. اڳواڻن الزام هنيو ته اهو واقعو بلوچستان حڪومت جي نااهلي جو نتيجو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته جمهوريت پسند اڳواڻن تي حملا اصل ۾ جمهوريت ۽ قومي حقن تي حملا آهن، جيڪي برداشت نه ڪيا ويندا. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته حملي ۾ ملوث دهشتگردن سان گڏ انهن جا سهولتڪار به گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ سياسي جلسن جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي.