اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد ۾ اپوزيشن اتحاد تحفظِ آئينِ پاڪستان جي اڳواڻن سينيٽر راجا ناصر عباس ۽ اسد قيصر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي،اڳوڻي گورنر سنڌ زبير عمر چيو ته شهباز شريف جو سڀ کان وڏو ڪوڙو اهو آهي ته هو چوندو آهي ته جيئن ئي مان وزيراعظم بڻيو آهيان، پاڪستان ۾ ڪرپشن ئي ختم ٿي وئي آهي،زبير عمر چيو ته صرف ڪڻڪ ۾ ٽه سؤ ارب رپين جي ڪرپشن ٿي آهي، جڏهن ته اڪائونٽنٽ جنرل جي رپورٽ موجب کنڊ ۾ به اربين رپين جي ڪرپشن ٿي آهي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل ڏهه ورهين دوران پاڪستان کي آءِ پي پيز (IPP’s) ۾ 8.4 ٽريلين رپين جو بار سهڻو پيو. آءِ پي پيز سان اهڙا معاهدا ڪيا ويا، جتي خريداري رپين ۾ ۽ واپسي ڊالرز ۾ مقرر ڪئي وئي.زبير عمر جو چوڻ هو ته پاڪستان هڪ بحران مان نڪري ٻئي بحران ۾ داخل ٿي ويندو آهي، ۽ ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو معيشيت آهي،علامه راجه ناصر عباس چيو ته اڪستان جي خاطر اسان کي آئين ڏانهن واپس وڃڻو پوندو،ملڪ ۾ هن وقت جيڪا تباهه ڪندڙ ٻوڏ آهي، ان کان اڳ آئين جو سيلاب اچي چڪو هو۔ هن سوال اٿاريو ته هر اداري ۾ آئين جو بحران ڇو آهي؟ پنجاب ۾ ادارا ڪٿي آهن؟هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اهڙي نموني وڃي ٿي، ڄڻڪ ڪو جشن ملهائڻ وئي هجي۔ پاڪستان کي بچائڻ لاءِ آئين جي بالادستي قائم ڪرڻ ضروري آهي۔