تربت (م ڊ) نيشنل پارٽي جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعليٰ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ تربت شهر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪوئيٽا جي علائقي سرياب ۾ خودڪش حملي خلاف 3 ڏينهن جي سوڳ ۽ 14 سيپٽمبر تي حب ۾ غوث بخش بزنجو ۽ حاصل بزنجو جي ورسي موقعي تي ٿيندڙ جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته خودڪش حملو بزدلاڻو ۽ مذمت جوڳو آهي، بلوچستان کي وڌيڪ افراتفري ۽ عدم استحڪام ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، اهڙين حالتن ۾ جمهوري سياسي جماعتن کي گڏيل لائحه عمل اختيار ڪرڻو پوندو، نيشنل پارٽي هر حال ۾ پنهنجي سياسي جدوجهد جاري رکندي.