سنڌ جي چڱن مڙسن به چئي ڇڏيو آهي ته ملڪ جي اترين علائقن ۽ صوبن ۾ پوندڙ زوردار برساتن ۽ ڀارت پاران ضد ۾ ڇڏيل پاڻي سبب هيل سنڌ ۾ سپر فلڊ داخل ٿيڻ جا امڪان آهن.هن ڏس ۾ سنڌ جو وڏو وزير ۽ سندس ماتحت وزير بندن خاص ڪري حساس هنڌن جا دورا ڪري بچاء لاءِ اڳواٽ اپاءُ وٺي رهيا آهن وڌيڪ ڏينهن اڌ ۾ خبر پئجي ويندي ته پاڻي ڪيترو ٿو پهچي پوءِ به ماهرن ۽ حڪومت جي ڄاڻ موجب پاڻي ڏهن کان 12 لک ته ضرور هوندو.خدا نه ڪري جو بند ڀڄن ۽ پڪي جا علائقا ٻڏن جيڪڏهن اهڙو ڪجهه ٿئي ٿو ته لکين ماڻهو بي گهر ٿيندا فصل مال ملڪيت تباهه ٿيندي ۽ اهو سانحو 76 ۽ 22 جي ٻوڏن کان وڌيڪ هوندو.
سنڌ جي انتهائي معتبر سڄاڻ علمي ادبي سماجي اڳواڻن جا سوشل ميڊيا تي زوردار بيان سامهون آيا آهن جن ۾ هنن چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن کي ڪراچي اچڻ ۽ ڪراچي وسائڻ گهرجي.بقول سندن ته جيڪڏھن بند ٽٽن ٿا ۽ سنڌ جي پڪي وارن علائقن ۾ ڳوٺ ۽ شهر ٻڏن ٿا ماڻھو بيدخل يا بي گھر ٿين ٿا ته انھن جي رهائش جو ڪراچي جي سنڌي وسندين ۾ بندوبست ڪيو ويندو جيئن 2022 ۾ برساتن ۽ ٻوڏ متاثر ڀائرن ڀينرن جي خدمت ڪئي وئي هئي تيئن هاڻ به بنا ڪنهن فرق ذات پات جي ڪئي ويندي.جڏهن ڪراچي ۾ افغاني، برمي ڪشميري ۽ ٻيا ٻاهران رهي سگهن ٿا ته پوءِ سنڌي متاثرين ڇو نه جن جو ڪراچي پنهنجو شهر آهي؟.رڳو برسات ۽ ٻوڏ متاثرين نه پر سنڌ جو هر ماڻهو ڪراچي اچي رهي ۽ ڪاروبار ڪري سگهي ٿو جو ڪراچي سنڌي ماڻهن جو مورثي شهر آهي.
هن وقت به ڪراچي توڙي انجي پسگردائي ۾ لکين سنڌي ماڻهو ابن ڏاڏن کانوٺي رهائش پذير آهن جن ئي ڀارتي مسلمان مهاجرن جو ڪراچي ۾ آڌر ڀاءُ ڪيو هو کين اجهو لٽو ڪپڙو ڏئي سندن تحفظ ڪيو انوقت جي وڏي وزير مرحوم پير الاهي بخش کين ڪالوني ٺهرائي ڏني هئي جيڪا 78 سال گذرڻ بعد به پير ڪالوني سڏجي ٿي جتي پير صاحب جو بنگلو اڃا به قائم دائم آهي جتي سنڌ جا ماڻهو هن وقت به وڃي ترسن ٿا جن جي خدمت چاڪري به ٿيندي آهي.جڏهن سنڌين ڪراچي ۾ مهاجرن ۽ ٻين کي ڪراچي ۾ خوش آمديد چيو ۽ رهايو ته سنڌ جا مالڪ ڪهڙي سبب ڪراچي ۾ اچي رهي ڪاروبار ۽ نوڪريون ڇو نٿا ڪري سگهن.
سنڌ جي گورنر تي کل ٿي اچي جيڪو چوي ٿو ته جيڪو سنڌي جتي رهي ٿو اتي پڙهي ڪراچي جي گرامر اسڪولن ۾ اچي پڙهڻ جو نه سوچي ۽ وري کين ڪو حق آهي.اهو ته گورنر جو بيان سطحي آهي پر متحده جا ڪند ذهن اڳواڻ به ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن جي موجودگي کي برداشت نٿا ڪن ۽ جڏهن 22 ۾ ٻوڏ ستايل ڪراچي پهتا هئا ته متحده اڳواڻن متاثرين کي اتي مستقل رهائش ۽ روزگار جي فراهمي جي سخت مخالفت ڪئي هئي خوف هراس پئدا ڪيو ويو کين مارڪٽ به ڪئي وئي هئي سندن ڪئمپن تي حملا به ٿيا هئا جڏهن ته انوقت سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت هئي جنهن پڻ متاثرين کي پاسيرو رکيو کانئن منهن موڙيو هو اها الڳ ڳالهه هئي جو سرندي وارن متاثرين پنهنجي موڙي مان پنهنجا اجها ورتا اتي روزگار خاطر رهيا باقي ٺلهو واپس پنهنجي وٿاڻن ڏانهن بي يارو مددگار وريا جيڪو هڪ وڏو سانحو چئجي جو اهي پنهنجي ڌرتي پنهنجي ڪراچي ۾ نه رهي سگهيا نه وري ڪو ڪاروبار ۽ مزدوري ڪري سگهيا.پ پ پ ته پنهنجي جاءِ تي پر قومپرستن به ڪو خاطرخواهه ٻوٽو نه ٻاريو هو جو متاثرين کي ڏڍ ملي سگهي ها جيڪي وقت به وقت سنڌ واسين کي ڪراچي وسائڻ لاءِ زور ڀريندا رهندا آهن.2022 ۾ ڪراچي ۾ ڪنهن هڪ اڌ سنڌي ڪنڊ پاسي ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ رهيو هو تن کي به اڳتي هلي ڪڏهن افغاني ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي پئي ماريو.رڳو ٻن ٽن سالن جا واقعا ڏٺا وڃن ته وڏي انگ ۾ سنڌي نوجوانن جو قتل ٿيو آهي جن کي ڪو به انصاف ناهي مليو نه وري حڪومت ئي انهن جي ڪا واهر ڪئي.
ڪراچي ۾ مقيم سنڌي اڳواڻن جو جيڪو سوشل ميڊيا تي بيان آيو آهي اهو خوش آئند آهي پر اهڙي بيان جي موٽ ۾ سنڌ حڪومت يا پ پ پ قيادت جو ڪو به حوصله بخش بيان يا خاطري سامهون ناهي آئي جنهن سان امڪاني ٻوڏ متاثرين جي هانو تي ڪو ڇنڊو پوي يا هنگامي صورتحال سبب اهي پنهنجا اباڻا وٿاڻ ڇڏي ڪراچي اچڻ لاءِ تيار ٿين.جتي جتي ٻوڏ جو خطرو آهي يا لڏ پلاڻ ٿي رهي آهي پهريان ته اتي مقامي طور ٽينٽ سٽي قائم ڪئي وڃي جتي متاثرين جي فوري کاڌ خوراڪ صحت جو بندوبست هجڻ گهرجي ۽ جيڪو متاثر ڪراچي وڃڻ چاهي ٿو ته اتي به ٽينٽ سٽي جو اڳواٽ بندوبست ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي منتقلي لاءِ سرڪاري ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي وڃي ٿيندو اهو آهي جو ٽرانسپورٽر متاثرين جي مجبورين کي ڏسي ڪري ڀاڙا وڌائي ڇڏيندا آهن.جيڪي به متاثر پنهنجي علائقن جي يا ڪراچي جي ٽينٽ سٽين ۾ رهن تن کي گذارا الائونس ڏنو وڃي ته جيئن اهي پاڻ ۾ گڏجي ڪري پنهنجي پسند جو کاڌو کائي سگهن ڇاڪاڻ ته ڪئمپن جي کاڌي کائڻ سبب اهي ۽ سندن ٻار بيمار رهندا آهن جنهن سان موت به ٿيندا آهن جنهن کان به بچاءُ ڪرڻ گهرجي.ڪچي ۾ وڌيل آبادي ڳوٺن جي وڌي وڃڻ ڪري به پاڻي جا قدرتي لنگهه به متاثر ٿيا آهن ۽ وهڪرو رڪجي ٿو بندن تي دٻاءُ پوي ٿو تنهنڪري ڪچو خالي ڪرائي آبادي کي پڪي تي منتقل ڪرايو وڃي جنهن لاءِ کين پلاٽ ۽ گهر ٺهرائي ڏنا وڃن.جيڪي ماڻهومستقل طور ڪراچي وڃڻ چاهين ته اتي به کين سرڪاري طور پلاٽ ۽ ڊگهي مدت وارا قرض ۽ امداد ڏئي گهر ٺهرائي ڏنا وڃن جنهن سان به ٻوڏ متاثرين جو حوصلو وڌندو ۽ اهي ڪراچي کي آباد ڪري سگهندا.ڪراچي جي پسگردائي ۾ سرڪاري زمينون موجود آهن.هن ڏس ۾ سنڌ اسيمبلي اندر ٺهراءُ پيش ڪرڻ ۽ منظور ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪو پ پ پ حڪومت پاس ڪرائڻ جي سگهه رکي ٿي.
ٻوڏن کان پوءِ ڪچي جا ماڻهو ته ٻيهر پنهنجي وٿاڻن ڏانهن ورندا جن جو زمينون ڪچي ۾ آهن جن کي وڃي اهي ٻيهر آباد ڪندا ٻڏي جا ٻيڻا حاصل ڪندا پر پڪي جا ٻوڏ متاثر جن جون لازمي آهي ته جايون ڪرنديون گهريلو سامان ٻڏندو بيماريون ظاهر ٿينديون ماڻهو مرندا خاص ڪري بيروزگار ۽ غريب طبقو متاثر ٿيندو انهن جي آبادڪاري وارو مرحلو ڏکيو رهندو آهي ۽ رهندو.اهڙن متاثرين جي مستقبل لاءِ حڪومت کي سرندي وارن ماڻهن ۽ سماجي ادارن کي ئي سوچڻ گهرجي ۽ انهن جي مستقبل لاءِ قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي جن کي ڪراچي ڄامشورو نوري آباد ۾ آباد ڪرائي سگهجي ٿو جتي ڪارخانا آهن ته روزگار جا موقعا به آهن جن به ٻوڏ متاثرين کي ڪراچي وسائڻ جي آڇ ڪئي آهي تن کي به پنهنجي حڪمت عملي ۽ رٿابندي جا تفصيل سامهون آڻڻ گهرجن ته وٽن ٻوڏ متاثرين جي آبادڪاري ۽ روزگار مهيا ڪرڻ جو ڪهڙو خاڪو آهي جنهن تي اهي عمل ڪندا باقي ايئن نه ٿئي جو متاثرين 22 جيان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪراچي مان خوار خراب ٿي واپس پنهنجي اباڻن وٿاڻن تي پهچن.