پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي بابت حڪومتي بيانن تي ماڻهو ان ڪري به يقين ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، جو انهن دعوائن جي ڪا به عملي شڪل ڪٿي به نظر نٿي اچي. بجلي، پيٽرول، گئس ۽ خوراڪ جي شين جي مهانگائي لڳاتار وڌي رهي آهي. غربت ۾ به واڌارو ٿي رهيو آهي. عوام جي خوشحالي ۽ سندن پريشانيءَ جو خاتمو صرف سياسي ۽ معاشي استحڪام سان ممڪن آهي، جنهن لاءِ اها نمائنده حڪومت ضروري آهي، جنهن کي عوام جي ڀرپور حمايت حاصل هجي. قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي گذريل چونڊن کي منصفاڻو نٿو سمجھيو وڃي، جنهن ڪري حڪومت جو جواز ئي متنازع بڻجي ويو آهي. حڪمران پارٽيون پنهنجي هر ناڪامي جو سبب پي ٽي آءِ جي بانيءَ کي قرار ڏين ٿيون.
تازو ئي پي ٽي آءِ بانيءَ جي ملڪ جي اهم شخصيت خلاف بيانن کان پوءِ اهو امڪان وڌي ويو آهي ته ڪو اهڙو ڪيس ٺاهيو وڃي، جنهن جي سزا تمام وڏي هجي. پاڻ وزيراعظم جي خاص مددگار رانا ثنا الله جي بيان مان به اهو ظاهر ٿئي ٿو، جنهن ۾ هن چيو ته باني پي ٽي آءِ جي روين مان لڳي ٿو ته هو ايندڙ 14 سال تائين جيل مان ٻاهر نه نڪرندو. ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته ن ليگ جي قيادت مقتدر حلقن تي دٻاءُ وجهي رهي آهي ته عمران خان کي مڪمل طور سياست مان ٻاهر ڪيو وڃي، جنهن جو مطلب يا ته کيس هميشه لاءِ خاموش ڪرائڻ يا وري غداري جي ممڪن ڪيس ۾ موت جي سزا به ٿي سگهي ٿي. ڪجهه مبصرن جو اهو به خيال آهي ته باني پي ٽي آءِ جا موجوده سخت بيان سندس زال بشريٰ بي بي سان جيل ۾ ڪيل خراب سلوڪ جو ردعمل آهن. حڪمران طبقي کي اهو خيال ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن باني پي ٽي آءِ کي ميدان تان هٽايو وڃي ته پوءِ انهن کي چيلينج ڪندڙ ڪو نه رهندو، پر اهو خيال بلڪل غلط آهي، ڇو ته اهڙي صورت ۾ سارو الزام حڪومتي اتحادين تي پوندو ۽ اهي عوام سان پنهنجو رشتو مڪمل طور ٽوڙي ويهندا. نتيجي ۾ سندن باقي مينڊيٽ به هٿان نڪري ويندو.
پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جي موجوده حڪومت ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام تي ڌيان ڏيڻ بدران سوشل ميڊيا تي پابندي لڳائڻ جي خواهشمند آهي. انهن پارٽين جي عوامي حمايت ختم ٿيڻ جو سبب باني پي ٽي آءِ ناهي. باني پي ٽي آءِ جيڪڏهن سياسي منظر تان غائب به ٿي وڃي، تڏهن به حڪمران پارٽين جي عوامي سطح تي زوال جو سلسلو نه رڪجندو. منصفاڻين چونڊن ۾ ن ليگ، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم کي وڏي پيماني تي ناڪامي جو خطرو صاف نظر اچي ٿو. عام ماڻهو هاڻي انهن جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهن. پي ٽي آءِ جي غير موجودگيءَ باوجود، انهن جي مقابلي ۾ بيٺل ڪنهن ٻي پارٽيءَ جا اميدوار ئي ڪامياب ٿيندا. حڪومتي پارٽين جي مقبوليت جا سڀ دعويٰ آزاد ۽ منصفاڻن چونڊن ۾ زمين بوس ٿي سگهن ٿا، جنهن جو هڪ ثبوت فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ به مليو، جتي اڻ سڃاتل اميدوارن حڪومتي اتحادين جي وڏن وڏن نالن کي شڪست ڏني.
قومي ۽ عالمي سطح تي به موجوده حڪومت بابت اهو ئي تاثر آهي ته اها عوامي حمايت کان محروم آهي. موجوده حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ خراب حڪمراني ۽ بدعنوانيءَ جي نتيجي ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت ماڻهن کي وڌيڪ بيزار ڪيو آهي. غير نمائنده حڪومت جا نتيجا ملڪ لاءِ ڪيترا تباهه ڪن ٿين ٿا، ان تي بي شمار علمي ۽ تحقيقي تحريرون موجود آهن. تازو ئي 20 اپريل تي سينٽر فار پاليـسي اينڊ اڪنامڪ ريسرچ هڪ تحقيقاتي رپورٽ شايع ڪئي، جيڪا يورپ جو هڪ غير منافع بخش ادارو آهي. ان رپورٽ موجب جيڪڏهن چونڊون منصفاڻيون ۽ آزاد نه ٿين ته ان جا معيشيت تي انتهائي منفي اثر پون ٿا. اهڙي نوعيت جي ٻين تحقيقاتي ادارن ۾ سينٽر فار آمريڪن پروگرس، ورلڊ ڊيٽا آرگنائيزيشن ۽ اسٽيس يونائيٽيڊ ڊيموڪريسي سينٽر شامل آهن.
انهن تحقيقن مطابق، غير نمائنده حڪومت ملڪ کي تباهيءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿي، جتي احتساب ختم ٿي وڃي ٿو، بدعنواني وڌي وڃي ٿي، معيشيت جو ڦيٿو سست ٿي وڃي ٿو، صنعت ۽ واپار جي قيمت وڌي ٿي، قانون جي بالادستي ختم ٿئي ٿي، عدليا ڪمزور ٿي وڃي ٿي، انساني حقن جو خاتمو ٿئي ٿو ۽ سماج ۾ خوف ڇانئجي وڃي ٿو. اهڙي صورتحال نوجوانن جي تخليقي صلاحيتن تي به منفي اثر وجهي ٿي. غير نمائنده حڪومت عدليه، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، جنهن سان سماج ۾ چيڪ اينڊ بيلنس ختم ٿي ويندو آهي. اهي سڀ حقيقتون صاف ظاهر ڪن ٿيون ته پاڪستان به غير نمائنده حڪومت سبب اهڙن ئي بحرانن ۽ افراتفريءَ جو شڪار ٿي چڪو آهي.
پي ٽي آءِ پاران فارم 45 ۽ فارم 47 جو جيڪو تجزيو پيش ڪيو ويو آهي، ساڳيو ئي عالمي ميڊيا به رپورٽ ڪري چڪو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته موجوده حڪمرانن چونڊ عمل جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي. حڪومتي اتحادين کي هاڻي اهو يقين ٿي ويو آهي ته عوام جي ووٽن جي ضرورت ئي ناهي. انهن کي پڪ آهي ته جيتوڻيڪ کين تمام ٿورا ووٽ ملندا، پر جيڪڏهن اعليٰ سطح تي معاملا طئي ٿي وڃن ته اهي ٿورا ووٽ به لکين ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا، ۽ سندن مد مقابل کي ملندڙ لکين ووٽن کي گهٽائي کين شڪست ڏني وڃي ٿي. گذريل چونڊن ۾ 20 سيڪڙو ڌانڌليءَ ذريعي طاقتور حلقن جي پسنديده پارٽيون اقتدار ۾ آيون، پر هاڻي لڳي ٿو ته 2024ع ۾ 80 کان 90 سيڪڙو ڌانڌليءَ ذريعي مخصوص پارٽين کي ڪامياب ڪرائڻ ۽ اقتدار ڏيڻ جي نئين روايت قائم ڪئي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو موجوده حڪمران سوشل ميڊيا جي تنقيد کان گهڻو پريشان آهن ۽ ان تي پابندين جا قانون ٺاهين ٿا.
پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ بابت به سوشل ميڊيا تي حڪومت جي اعليٰ عهديدارن جي روين تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي. پنجاب جي وڏي وزير جي تصويرن ۽ وڊيوز تي به تنقيد جو طوفان برپا آهي. حڪومتي اتحادين وٽ بهتريءَ لاءِ ڪا حڪمت عملي ناهي. وڌيڪ ۾ وڌيڪ هو ٽيڪس وڌائي، بجلي، گئس ۽ پيٽرول جون قيمتون وڌائي سگهن ٿا، جنهن سان عوامي نفرت وڌيڪ وڌندي. جڏهن مقتدر حلقن تي دٻاءُ وڌندو ته هو نئين حڪمت عمليءَ لاءِ تيار ٿيندا. لڳي ٿو ته ڪجهه نئون ٿيڻ وارو آهي.