سٺ ميل کي ٽائون جو درجو ڏيو

سٺ ميل جي موجوده آبادي ويهه کان پنجويهه هزار آهي، جڏهن ته ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا به پنهنجا روزگار، علاج ۽ تعليم جا ڪم هن شهر ۾ ڪن ٿا، جنهن سبب روزاني بنياد تي هن شهر جو بار اصل آبادي کان گهڻو وڌيڪ هوندو آهي. جيڪڏهن شماريات کي ڏٺو وڃي ته اها آبادي ٽائون ڪميٽي جي درجي لاءِ مڪمل طور تي موزون آهي. هتي تعليم لاءِ ڪيترائي اسڪول ۽ نجي ادارا موجود آهن. مقامي شاگرد هتي ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ڪراچي تائين وڃي اعليٰ تعليم حاصل ڪن ٿا. اسڪولن ۽ ڪاليجن کي مرمت، جديد سهولتن ۽ علمي اوسر جي سخت ضرورت آهي، جيڪا تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن هن علائقي کي ٽائون سطح جا فنڊ ۽ منصوبا ملي سگهن. صحت جي حوالي سان به صورتحال اطمينان بخش ناهي. هڪ بنيادي صحت مرڪز هجڻ باوجود وڌندڙ آبادي لاءِ سهولتون هرگز ڪافي نه آهن ۽ ننڍن وڏن علاج لاءِ ماڻهن کي نوابشاهه وڃڻو پوي ٿو. جيڪڏهن ٽائون جو درجو ملي ته هتي نئون هيلٿ سينٽر، ايمبولينس سروس ۽ ايمرجنسي سهولتون فراهم ٿي سگهن ٿيون.

سٺ ميل جا رهواسي ڪيترن ئي بنيادي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. صفائي جو نظام ناڪافي آهي، روڊ ٽٽل ۽ کڏن سان ڀريل آهن، پاڻيءَ جو بحران آهي، برسات پوڻ تي شهر ٻڏي ويندو آهي ۽ رات جي وقت روشنيءَ جي کوٽ سبب رهواسين کي ڏکيائي ٿيندي آهي. اهي سڀ مسئلا رڳو تڏهن حل ٿي سگهن ٿا جڏهن هتي ٽائون ڪميٽي جو قيام عمل ۾ اچي. جيڪڏهن سٺ ميل کي ٽائون جو درجو ڏنو وڃي ته هتي جا ماڻهو بااختيار بلدياتي نمائندا چونڊي سگهندا، فنڊن ۾ واڌارو ٿيندو، صفائي، پاڻي، نڪاسي ۽ روڊن لاءِ مستقل عملي جو انتظام ٿيندو، صحت ۽ تعليم لاءِ نوان منصوبا آسانيءَ سان شروع ٿي سگهندا ۽ شهر جي سڃاڻپ ۽ وقار به وڌندو. سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا شهر آهن جن جي آبادي سٺ ميل کان گهٽ آهي پر کين ٽائون يا ميونسپل ڪميٽي جو درجو حاصل آهي. اهڙي صورتحال ۾ سٺ ميل کي اڃا تائين يونين ڪائونسل جي سطح تي رکڻ وڏي ناانصافي آهي.

دوست علي مھر/ سٺ ميل

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.