جيئن ئي ڪو نئون ڊيم ٺهندو آهي، درياهه جي فطري وهڪرن کي زبردستي روڪيو ويندو آهي. ننڍڙا وهڪرا، جيڪي ڳوٺن، ٻنين ۽ آبادين کي حياتي ڏيندا هئا، اهي سڪي ويندا آهن. واهن جا پيٽ خالي ٿي ويندا آهن، ۽ جڏهن برساتن يا گليشيئرن جي پگهرڻ سان پاڻيءَ جو وڏو وهڪرو ايندو آهي ته ڊيم ان کي برداشت ڪرڻ جي قابل نه رهندا آهن. پوءِ پاڻي سڀئي رڪاوٽون ٽوڙي ٻاهر نڪرندو آهي ۽ ڳوٺ شهر ٻڏي ويندا آهن. اهو ئي لقاءُ پاڪستان ۾ ايندڙ هر ٻوڏ دوران ڏسڻ ۾ ايندو آهي پر افسوس جو حڪمران ڪڏهن به هن حقيقت کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن. پاڻيءَ جي ماهر ڊاڪٽر حسن عباس جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏن جي تباهيءَ جو وڏو سبب ڊيم آهن. ڊيم هڪ وڏو ڌوکو آهي، جنهن ذريعي عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، ماڻهو جڏهن سمجهندا آهن ته هاڻي خطرو ختم ٿي ويو آهي، تڏهن درياهن جي ڪنارن تي وڏيون سوسائٽيون ۽ حددخليون ٺهن ٿيون. پر جڏهن درياهه ۾ ٻوڏ اچي ٿي ته تڏهن اهي ئي آباديون پاڻيءَ ۾ لڙهي وڃن ٿيون. ان کان پوءِ وري ساڳي راند شروع ٿئي ٿي، نوان ڊيم ٺاهڻ جا اعلان، اربين رپين جا ٺيڪا ۽ عوام کي وري ساڳيو خواب ڏيکاريو ويندو آهي ته مڙني مسئلن جو حل ڊيم ئي آهن.
جڏهن ته حقيقت بلڪل واضح آهي. آمريڪا ۾ گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ ڪيترائي ڊيم ٽوڙيا ويا آهن. يورپ ۾ به هزارين ڊيم ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن سمجهي ورتو آهي ته درياهن کي فطري وهڪرن سان وهڻ ڏيڻ ئي بهتر آهي. چين جهڙو ملڪ، جيڪو ڊيم ٺاهڻ ۾ مشهور رهيو آهي، سو به ويجهڙ ۾ پڻ پنهنجا ٺاهيل ڊيم ڊاهي ڇڏيا آهن. اهو سڀ ان ڪري ٿيو جو دنيا جا ملڪ تجربن مان سکيا آهن ته درياهن سان هٿ چراند تباهي کانسواءِ ڪجهه به نه ڏئي ٿي. جڏهن درياهه پنهنجي اصل وهڪرن سان وهندا آهن، تڏهن نه رڳو ٻوڏ جو خطرو گهٽ ٿيندو آهي، پر زرعي زمينون به وڌيڪ زرخيز ٿينديون آهن، ماحولياتي توازن به قائم رهندو آهي ۽ انساني زندگيون به محفوظ رهنديون آهن. پر پاڪستان ۾ صورتحال ان جي ابتڙ آهي. هتي ڊيم صرف پاڻيءَ جو انتظام نه، پر وڏو ڪاروبار آهن. حڪمرانن لاءِ ڊيم ٺهڻ جو مطلب آهي عالمي ادارن کان قرض، ٺيڪيدارن کان ڪميشن ۽ سياستدانن لاءِ نون منصوبن جا فنڊ. عوام سان جيڪي واعدا ڪيا ويندا آهن، اهي ڪڏهن به پورا ناهن ٿيندا. نتيجي ۾ ملڪ وڌيڪ قرضي ٿيندو وڃي ٿو ۽ عوام وڌيڪ غريب ٿيندو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر حسن عباس پنهنجي تحقيق ۾ اهو به ظاهر ڪيو آهي ته درياهن جي پيٽ هيٺان لڳ ڀڳ 500 ملين ايڪڙ فُٽ مٺو پاڻي موجود آهي، جيڪو جديد ٽيڪنالاجي سان آسانيءَ سان ڪڍي سگهجي ٿو. اهو ذخيرو اهڙو آهي، جو ٽن سالن تائين جيترو به سخت سوڪهڙو اچي، پاڻي ختم نه ٿيندو. جيڪڏهن حڪمران سنجيده ٿين ته هن قدرتي ذخيرو مان پاڻي ڪڍي زرعي، صنعتي ۽ شهري ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون. پر اسان جا حڪمران ان تي ڌيان ڏيڻ بدران نون ڊيمن جي تعمير واري مهم جوئي ۾ لڳل آهن. ڊيم ٺاهڻ لاءِ هڪ ٻيو وڏو دليل بجليءَ جي پيداوار آهي. پر دنيا ثابت ڪيو آهي ته شمسي توانائي ۽ هوائي توانائي ذريعي بجلي ٺاهڻ سوين ڀيرا سستو، پائيدار ۽ ماحول دوست آهي. پاڪستان ۾ سج سڄو سال چمڪي ٿو، هوا به بي حساب موجود آهي، پر حڪومت ان وسيلن کي نظرانداز ڪري ڊيم جهڙن مهانگا منصوبن ۾ پيسا ضايع ڪري ٿي. دنيا جي ملڪن ۾ شمسي توانائي جو حصو وڌي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان اڃا تائين پراڻن ۽ تباهه ڪن طريقن تي هلي رهي آهي. هڪ ٻيو وڏو ڌوکو عوام کي اهو ڏنو ويو آهي ته ڀارت پاڪستان جو پاڻي روڪي ٿو. حقيقت اها آهي ته پاڪستان جو 90 سيڪڙو پاڻي گليشيئرن ۽ برساتن مان اچي ٿو. ڀارت کان ايندڙ پاڻي رڳو وهم آهي، جنهن کي سياست جي هٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. هن وهم جي بنياد تي نوان ڊيم ٺاهڻ لاءِ جواز پيدا ڪيو وڃي ٿو. عوام کي خوف ۾ رکيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن ڊيم نه بڻايا ويا ته درياهه سڪي ٺوٺ ٿي ويندو. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ڊيم ٺهڻ سان پاڻيءَ جي کوٽ وڌي ٿي، ٻوڏون وڌيڪ خطرناڪ ۽ نقصانڪار ثابت ٿين ٿيون.
پاڪستان ۾ هر وڏي ٻوڏ کان پوءِ ساڳيو منظر ڏسڻ ۾ ايندو آهي ڳوٺ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندا آهن، ماڻهو پنهنجي گھرن مان بي گهر ٿين ٿا، مال مويشي مري وڃي ٿو، عورتون ۽ ٻار کليل آسمان هيٺ پناهه وٺن وٺن تي مجبور ٿين ٿا پر جڏهن پاڻي لهي وڃي ٿو ته ساڳيو ڊرامو ٻيهر شروع ٿي وڃي ٿو ــ نوان ڊيم، نوان اعلان، نوان قرض ۽ عوام لاءِ ساڳي تباهي. ڇو ته هٿرادو نظام ڪڏهن به قدرتي نظام جو نعم البعدل ٿي نٿو سگهي. درياهن کي سندن فطري وهڪرن سان وهڻ ڏنو وڃي، ننڍن وهڪرن کي ٻيهر بحال ڪيو وڃي ۽ پاڻيءَ جي انتظام لاءِ فطرت دوست پاليسيون اختيار ڪيون وڃن. متبادل توانائيءَ جا ذريعا اختيار ڪيا وڃن. زرعي زمينن کي بچايو وڃي ۽ عوام کي حقيقت ٻڌائي وڃي ته ڊيم خوشحاليءَ نه، پر تباهيءَ جو رستو آهن.
قوم کي هاڻي سوال ڪرڻ گهرجي ته هر نئين ڊيم سان اسان کي ڇا مليو آهي؟ غربت، قرض، تباهي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ کانسواءِ ڪجهه به نه. عوام حڪمرانن کان حساب وٺي ۽ اهڙين پاليسين کي رد ڪري، جيڪي ملڪ کي وڌيڪ تباهي ۽ برباديءَ ڏانهن وٺي وڃن. ڊيمن جي سياست ختم ٿئي ۽ درياهن جي فطري زندگي بحال ٿئي.