مير پور بٺورو ھڪ طرف شھيد شاھ عنايت ۽ سندس ساٿين جي رت جو خوشبوءِ سان واسيل آھي ته ٻئي طرف بٺورو علم، ادب، سياست ۽ تاريخ سان تمام گھڻي دلچسپي رکندڙ باشعور ماڻھن جو شھر رھيو آھي ۽ بٺوري ھر دور ۾ سنڌ جي سياسي توڙي ادبي ميدان ۾ پاڻ ملھايو آھي، بٺوري شھر ۾ ھڪ مولانا جعفر به ھيو جنھن کي سائين جي ايم سيد پنھنجو استاد ڪوٺيو آھي ته ٻئي طرف بٺوري شھر ۾ عبدالفتاح عبد به ھيو جنھن بزم صوفياءِ سنڌ جي سرواڻي ڪئي ۽ ان ساڳئي بٺوري شھر ۾ غلام حسين رنگريز به ھيو، جيڪو ھڪ ئي وقت شاعر، ليکڪ، استاد، سنڌيڪار، وڪيل ۽ سيد جي فڪر جو صالح ڪارڪن پڻ ھيو، جنھن پنھنجي سڄي حياتي علم، ادب ۽ سياست کي ارپي ڇڏي شايد سندس شعور جي ٻاريل لاٽ ئي آھي جو بٺورو شھر اڄ به اسلم خيرپوري ۽ نواز خان زئور جي صورت ۾ سنڌ جو قومي سياسي ميدان سجايون بيٺا آهن.
غلام حسين انگريز 18 اپريل 1945ع تي شفيع محمد کٽيءَ جي گھر ۾ پيدا ٿيو سندن خاندان جو تعلق ڪپڙي رنڱڻ واري پورھئي سان ھيو جنھن سبب کيس ”رنگريز“ سڏيو ٿو وڃي. غلام حسين رنگريز لکڻ جي شروعات ڏھين درجي کان ڪئي ھئي، ان وقت بٺورو شھر سياسي ۽ ادبي سرگرمين جو اھم مرڪز ھو، جتي ”بزمِ ادب“ ۽ ”تحريڪ تعمير ادب“ جي نالي سان ادبي ۽ ثقافتي گڏجاڻيون ٿينديون ھيون، جن ۾ غلام حسين رنگريز نه رڳو حصو وٺندو ھو پر اڳتي ھلي انھن جي اڳواڻي پڻ ڪئي. ايوب خان جي دور ۾ جڏھن سياسي سرگرمين تي پابندي ھئي ته ان وقت سائين جي ايم سيد ”بزم صوفياءِ سنڌ“ ٺاھي جنھن جي پھرين گڏجاڻي 19 آڪٽوبر 1966ع ۾ سن ۾ ٿي جڏھن ته ان بزمِ صوفياءِ سنڌ جو پھريون پروگرام 3 سيپٽمبر تي بٺوري شھر۾ ٿيو، جتي غلام حسين رنگريز، قومي شاعر سرويچ سجاولي جي شاعري تي مقالو پڙھيو ۽ سائين جي ايم سيد سميت اسٽيج تي ويٺل ٻين عالمن کي حيران ڪري ڇڏيو.
غلام حسين رنگريز 1963ع ۾ استاد طور ڀرتي ٿيو ۽ 90 جي ڏھاڪي ۾ وقت کان اڳي رٽائرمينٽ وٺي باضابطا وڪالت شروع ڪيائين ھن جيتري ايمانداريءَ سان ٻار پڙھايا اوتري ئي ايمانداريءَ سان قومي ۽ ادبي ڪم به ڪيو. غلام حسين رنگريز لاءِ مشھور آھي ته ھو ڪڏھن به ڪلاس ۾ ڪرسي تي نه ويٺو ۽ بيھي ٻارن کي پڙھائيندو ھو. سندس اڪيڊمڪ توڙي سياسي شاگرد اڄ به پنھنجن پنھنجن شعبن ۾ سٺو نانءَ ڪمائي رھيا آھن. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ ملھائڻ جي ڪيس ۾ غلام حسين رنگريز گرفتار به ٿيو ۽ اڍائي مھينا جيل ۾ رھڻ سان گڏوگڏ 4 سال ڪورٽن جون حاضريون به ڀريائين. عوامي شاعر ابراھيم منشي ۽ امداد محمد شاهه سندس جيل جا ساٿي رھيا. رڳو ايترو ئي نه پر سياسي سفر ۾ سرگرم رھڻ ڪري کيس ھميشه ڏورانھن علائقن ۾ بدلي به ڪيو ويندو هو.
1988ع ۾ بنا مقابلي سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو ڇو جو سندس مقابلي ۾ تاج جويو اميدوار ھو جيڪو ھٿ کڻي ويو، جيتوڻيڪ شيخ اياز جو خيال هو ته تاج جويو هٿ نه کڻي ۽ کيس رنگريز صاحب مان سٺي ڪم جي اميد نه هئي پر محمد ابراهيم جويو يقين سان چوندو رهيو ته غلام حسين رنگريز اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندو ۽ رنگريز صاحب ادبي سنگت سان واقعي ۾ به خوب نڀايو. هن نه رڳو سنڌ پر ڪوھاٽ، ڪوئيٽا ۽ اسلام آباد ۾ به ادبي سنگت جا پروگرام ڪوٺائين ۽ ادبي سنگت پاران سنگت رسالي جو بنياد وڌائين جيڪو اڄ ڏينھن تائين نڪري رھيو آھي. غلام حسين رنگريز جي دور ۾ غير متحرڪ شاخون ٻيهر بحال ٿيون، . غلام حسين رنگريز جي سيڪريٽري شپ دوران ادبي سنگت جو باني ۽ سيڪريٽري گوبند مالھي به سنڌ ۾ آيو، جنھن ادبي سنگت جي ڪارڪردگي ڏسي چيو ته: "جيڪو اسان ٻوٽو پوکيو سو وڻ ٿي ويو آھي. "
غلام حسين رنگريز جيتوڻيڪ سياسي سوچ رکندڙ ماڻھو ھو پر ھن ادبي سنگت کي ڪنھن به ھڪ نظرياتي لائين جو محتاج نه بڻايو جڏھن سنڌ قومي اتحاد جي گڏجاڻي سن ۾ ڪوٺائي وئي، اتي ھو مبصر جي حيثيت سان شامل ٿيو ۽ ادبي سنگت کي سنڌ قومي اتحاد جو حصو بڻايائين. اختر درگاھي لکي ٿو ته: "غلام حسين رنگريز جا ھي جملا ڀٿر جي اُڪر ڪرائي ادبي سنگت جي آفيس جي درازي تي ھڻي ڇڏجن ته سنڌي ادبي سنگت ترقي پسند سوچ وارن جو ھڪ گڏيل پليٽ فارم آھي ان کي ڪنھن مخصوص نقط نگاھ رکڻ واري جماعت جي ذيلي تنظيم ٺاھڻ نه رڳو ادبي سنگت جي جوھر کي نقصان رسائيندو پر سندس تاڃي پيٽي کي به اڊيڙي ڇڏيندو.“
غلام حسين رنگريز ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ ھو، جنھن سبب سندس شاعري ۾ احساسن جي گھڻي اپٽار ٿيل آھي. سندس شاعري ۾ پيار جو اهو اظهار آهي جيڪو هو پنهنجي شرميلي طبيعت سبب نه ڪري سگهيو. سندس ماٺيڻي ۽ شرملي طبيعت لاءِ نواز خان زئور لکيو ته: "سائين جي ايم سيد ۽ سوڀي گيانچنداڻي کانپوءِ چئي سگهجي ٿو ته غلام حسين رنگريز اهو ماڻهو ھو جنهن پنهنجي گهر واري کان علاه ٻي عورت جو بدن به نه ڏٺو.” سندس دوست ٻڌائين ٿا ته: "رنگريز صاحب ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءُ جي المناڪ وڇوڙي سبب شديد صدمي ۾ رهيو جنھن کانپوءِ رنگريز صاحب جي دنيا ڏکن جي گھيري ۾ اچي وئي ۽ سندس اکيون ڀنل ڀنل رهڻ لڳيون ھو پنھنجي اولاد جيتري ئي محبت سنڌ جي خوبصورت راڳي الھڏني خاصخيلي سان به ڪندو ھو جيڪو پڻ ھن کان تڪڙو ئي وڇڙي ويو. الھڏني سان محبت جي سبب ئي ھن پنھنجي آتم ڪٿا پنھنجن ٻن پٽن ۽ استاد الھڏني خاصخيلي کي ارپي آھي۔ الھڏني خاصخيلي، سرمد سنڌي ۽ اسلم فقير سائين رنگريز جي شاعريءَ کي شاعري جي اصل روح موجب ڳايو.
غلام حسين رنگريز 1963ع ۾ استاد طور ڀرتي ٿيو ۽ 90 جي ڏھاڪي ۾ وقت کان اڳي رٽائرمينٽ وٺي باضابطا وڪالت شروع ڪيائين ھن جيتري ايمانداريءَ سان ٻار پڙھايا اوتري ئي ايمانداريءَ سان قومي ۽ ادبي ڪم به ڪيو. غلام حسين رنگريز لاءِ مشھور آھي ته ھو ڪڏھن به ڪلاس ۾ ڪرسي تي نه ويٺو ۽ بيھي ٻارن کي پڙھائيندو ھو. سندس اڪيڊمڪ توڙي سياسي شاگرد اڄ به پنھنجن پنھنجن شعبن ۾ سٺو نانءَ ڪمائي رھيا آھن. ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ ملھائڻ جي ڪيس ۾ غلام حسين رنگريز گرفتار به ٿيو ۽ اڍائي مھينا جيل ۾ رھڻ سان گڏوگڏ 4 سال ڪورٽن جون حاضريون به ڀريائين. عوامي شاعر ابراھيم منشي ۽ امداد محمد شاهه سندس جيل جا ساٿي رھيا. رڳو ايترو ئي نه پر سياسي سفر ۾ سرگرم رھڻ ڪري کيس ھميشه ڏورانھن علائقن ۾ بدلي به ڪيو ويندو هو.