زخمين کي بنا ويزا جي پاڪستان منتقل ڪيو وڃي: افغانستان ۾ زلزلي تي گڏيل ٺهراءُ منظور

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه اسيمبلي ۾ افغانستان ۾ زلزلي سان ٿيندڙ نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي حڪومت ۽ اپوزيشن گڏيل ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته افغان ڀائرن جي هر ممڪن مدد اسلامي ۽ اخلاقي ۽ ذميواري سمجهون ٿا، زلزلي ۾ فوتين جي مغفرت ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته سخت زخمين کي بنا ويزا پاڪستان منتقل ڪري طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، صوبو ۽ وفاق گڏيل سهڪار سان امدادي ٽيمون ۽ طبي سامان افغانستان روانو ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.