ڀارت جي چين سان وڌندڙ ويجهڙائپ، ڇا پاڪستان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت آهي؟

ڀارت ۽ پاڪستان جا سربراههِ مملڪت شنگھائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين جي شهر تيانجن پهتل آهن. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي چيني صدر سان ملاقات ٿي آهي، جڏهن⁠ته پاڪستاني وزيراعظم، تيانجن يونيورسٽي ۾ پاڪ  چين دوستي بابت خطاب ڪيو. آچر جي ڏينهن مودي سان ملاقات دوران ابتدائي خيالن ۾ چيني صدر شي جن پنگ چيو ته عالمي منظرنامو تيزيءَ سان بدلجي رهيو آهي ۽ عالمي صورتحال ابتريءَ جو شڪار آهي۔ هن چيو ته چين ۽ ڀارت دنيا جا ٻه وڏي آباديءَ وارا ملڪ ۽ ”گلوبل سائوٿ“ جو اهم حصو به آهن. شي جن پنگ جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن لاءِ ضروري آهي ته اهي اهڙا دوست بڻجن جن جا سٺا لاڳاپا هجن، اهڙا ساٿي جيڪي هڪ ٻئي جي ڪاميابيءَ جو سبب بڻجن.ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو ته 2.8 ارب ماڻهن جا مفاد ٻنهي ملڪن جي تعاون سان جُڙيل آهن. مودي چيو ته ڀارت چين سان پنهنجا لاڳاپا اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ پرعزم آهي۔ ٻنهي اڳواڻن جي ڳالهه ٻولهه ۾ آمريڪي ٽيرف جو مسئلو سڀ کان اهم رهيو. روس کان تيل خريد ڪرڻ تي ٽرمپ انتظاميا ڀارت کان آمريڪا ايندڙ شين تي 50 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو آهي، جيڪو ڀارت جي ايڪسپورٽ شعبي ۽ پيداوار کي متاثر ڪندو. اهو ٽيرف چين جي منصوبي لاءِ به رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي۔

چين ٻي ۽ ڀارت دنيا جي پنجين وڏي معيشت آهي آءِ ايم ايف موجب ڀارت جي شرح پيداوار 6 سيڪڙو کان وڌيڪ رهڻ جو امڪان آهي ۽ 5 ٽريلين ڊالر جي اسٽاڪ مارڪيٽ سان ڀارت دنيا جي ٽين وڏي معيشت بڻجڻ جي راهه تي آهي۔ بيجنگ ۾ وسوا ايڊوائزري جي چي اين ليو چيو ته دنيا هميشه چين  آمريڪا لاڳاپن کي اهميت ڏني آهي، پر هاڻي وقت آهي ته اسان ڏسون ته ٻي ۽ ٽين وڏي معيشت، يعني چين ۽ ڀارت، ڪيئن گڏجي ڪم ڪن ٿيون۔ بهرحال ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڏو چئلينج به آهن. سرحدي تڪرار موجود آهن جيڪي پراڻي دشمنيءَ جا عڪس آهن۔

اقتصادي ماهر پرينڪا ڪشور جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن بي واءِ ڊي ڪمپني ڀارت ۾ ڪارخانو لڳائي ٿي ته اها هڪ اهم اڳڀرائي هوندي. ٻنهي ملڪن ۾ سڌي پروازن جي ٻيهر شروعات، ويزن ۾ نرمي ۽ واپاري معاهدا به لاڳاپن ۾ اڳڀرائي آڻي سگهن ٿا۔آءِ آءِ ايس ايس جي ماهر اينٽن ليوسڪ مطابق ٻين عالمي طاقتن جي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ ڀارت ۽ چين کي ڳالهين جي ضرورت پوندي ڇو⁠ته اهي ايشيا ۾ استحڪام جو اهم عنصر سمجهيا وڃن ٿا۔ ٻنهي ملڪن ۾ تبت جي دلائي لاما ۽ دريائن جي پاڻيءَ تي تڪرار به آهن، جتي چين دنيا جو سڀ کان وڏو هائيڊرو پاور منصوبو ٺاهڻ جو ارادو رکي ٿو، جنهن تي ٻنهي جو انحصار آهي۔ ان سان گڏ پاڪستان  ڀارت تڪرار به ڀارت   چين لاڳاپن لاءِ چئلينج بڻيل آهن۔

ڀارت جا گهڻا پاڙيسري ملڪ سان لاڳاپا سٺا ناهن، جڏهن⁠ته چين پاڪستان، بنگلاديش، سري لنڪا ۽ افغانستان جو اهم واپاري ڀائيوار آهي۔

ايس سي او اجلاس ۾ روسي صدر سميت درجن کن اڳواڻ موجود آهن، پر ڀارت ۽ پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا تي بحث آهي ته چين ۾ ڪهڙي اڳواڻ کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي۔ مودي پنهنجي اچڻ تيانجن ايئرپورٽ تي تصويرون شيئر ڪيون ته هو مختلف اڳواڻن سان ملاقاتن لاءِ پراميد آهي، جڏهن⁠ته شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ لکيو ته هو چين جي تاريخي دوري تي آيا آهن ۽ ايس سي او سربراهه اجلاس سميت ٻي عالمي تقريبن ۾ شرڪت ڪندا۔ تيانجن يونيورسٽي ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ”پاڪ   چين دوستي باهمي اعتماد، احترام ۽ پُرخلوص محبت تي ٻڌل آهي. اسان هر ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺا آهيون۔“ هن چيو ته پاڪستان مسلم دنيا جو پهريون ملڪ هو جنهن چين کي تسليم ڪيو، ۽ 60 سال اڳ بيجنگ ويندڙ پهرين عالمي پرواز ڪراچيءَ مان اڏامي هئي۔ سابق پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري چيو ته ڀارت جي چين سان قربت مان پاڪستان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ⁠ ته اسلام آباد ۽ بيجنگ جا لاڳاپا انتهائي مضبوط ۽ حڪمتِ عمليءَ جي نوعيت وارا آهن۔

عالمي ماهر ڊاڪٽر فضل الرحمان موجب چين – پاڪستان دوستي ڪنهن ٻاهرين عنصر کان آزاد آهي. ڀارت   چين لاڳاپا بهتر ٿي سگهن ٿا، پر گهڻي حد تائين نه۔ اڳوڻي سفارتڪار جوهر سليم چيو ته مودي سالن کان ايس سي او اجلاس ۾ نه ايندو هو، پر هاڻي آمريڪا سان ٽڪراءُ سبب ڀارت ڏيکارڻ ٿو چاهي ته ان وٽ ٻيا آپشنز به آهن۔ پر هن موجب ڀارت  آمريڪا جا تجارتي لاڳاپا تمام گهرا آهن، جڏهن⁠ته چين سان اسٽريٽجڪ تڪرار برقرار رهندا۔ اڳوڻي سفارتڪارن جي خيال ۾ ڀارت  چين جي ويجهڙائپ پاڪستان لاءِ مثبت ثابت ٿي سگهي ٿي ڇو ⁠ته چين خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ هو ڀارت   پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ ”ورڪنگ ريليشن“ بحال ڪرائي سگهي ٿو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.