”شوبز مون کي زخمي ڪري ڇڏيو“ عليزي شاهه جو بيماري مبتلا هجڻ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا عليزي شاهه انڪشاف ڪيو آهي ته شوبز انڊسٽري جي سخت تجربن کينسذهني طور اهڙي حد تائين متاثر ڪيو جو هوءَ پي ٽي ايس ڊي (Post-Traumatic Stress Disorder) ۾ مبتلا ٿي وئي آهي.
عليزي شاهه تازو ئي انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن لکيو ته هوءَ پي ٽي ايس ڊي جو شڪار آهي.
هن چيو ته 12 ڪلاڪ ڊگهي شفٽ ۽ ڪم دوران ساڻس رکيل رويي کيس اندر کان ٽوڙي ڇڏيو آهي.
عليزي شاهه موجب ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته هن انڊسٽري جي ماڻهن کي ان ڪري وائکو ڪيو ڇاڪاڻ ته کيس ڪم کپندو هو پر شايد کين اندازو ناهي ته اهڙي سوچ کيس ڪيتري تڪليف ڏئي ٿي.
هن چيو ته هن انڊسٽري ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو، تنهن ڪري هوءَ ايتري حد تائين ٽٽي وئي جو پاڻ کان نفرت ڪرڻ لڳي ۽ سوچڻ تي مجبور ٿي وئي ته آخر هوءَ ان جو حصو ئي ڇو بڻي.
اداڪارا موجب هوءَ ڪنهن جي ڪوڙي همدردي ۾ ڏنل پراجيڪٽن يا آڇن جي خواهشمند ناهي، هوءَ هر ڏينهن اهو ئي سوچيندي آهي ته ڪاش ان ذلت ڀري دنيا جو حصو نه بڻجي ها، جتي ماڻهن هر هفتي 12 ڪلاڪ ساڻس اهڙو ورتاءُ ڪيو، ڄڻ هوءَ ڪجهه به نه هجي.
عليزي شاهه چيو ته اهو صدمو اڄ به موجود آهي ۽ هن ماڻهن کي ان لاءِ وائکو نه ڪيو ته کيس وڌيڪ پراجيڪٽ ملن پر هوءَ چاهي ٿي ته کيس اڪيلو ڇڏيو وڃي، ڇو⁠ته ان انڊسٽري جون سخت يادون کيس بيمار ڪري ڇڏين ٿيون ۽ انهن جا زخم اڄ به سندس دل تي نقش آهن.
واضح رهي ته ان کان اڳ عليزي شاهه دعويٰ ڪئي هئي ته ڊرامي جي شوٽنگ دوران ساٿي اداڪارا منسا ملڪ کيس چماٽ هنئي هئي، جنهن جي جواب ۾ هن جوتو وهائي ڪڍيو.
سندس موجب ان کانسواءِ منسا ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ قتل جون ڌمڪيون به ڏنيون، جنهن کانپوءِ هن اداڪارا خلاف ساک کي ڇيهو رسائڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.