ڳڙهي ياسين (ن ع آ) ڳڙهي ياسين ڀرسان مدئجي ٿاڻي جي حد ۾ ڏاهاڻي – جيها تڪرار تان ڏاهاڻي ڌر جو ھڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، مدئجي ڀرسان جيها-ڏاھاڻي تڪرار تان ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني آھي، فائرنگ جي نتيجي ۾ گولي لڳڻ سبب ڏاهاڻي ڌر جو محمد علي ڏاهاڻي موقعي تي مارجي ويو ، پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي ڪيس کي لٽي مٽي ڪري ڇڏيو، ٻئي پاسي مجاهد جيهو جو چوڻ هو ته محمد علي ڏاهاڻي مڙس ماڻهو هو مڃڻ مراد آهي اسان جا ماڻهو به مئل آهن، اسان به ماريا آهن، محمد علي جهڙو مڙس ماڻهو ماري خوشي ٿي آهي، جيھا ڏاهاڻي تڪرار ۾ مارجي ويل محمد علي ڏاهاڻي جي مخالف پاران واکاڻ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.