13 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو ڌاڙو، 6 جوابدار بيگناهه قرار: پوليس چالان

ڪراچي(رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ اولهه جي عدالت ۾ فيروزآباد ٿاڻي جي حد ۾ ايف آءِ اي اهلڪارن جي وردي پهري 13 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڌاڙي جي ڪيس جو پوليس پاران عبوري چالان جمع ڪرايو ويو،  پوليس پاران 6 جوابدارن کي بيگناهه قرار ڏنو ويو، چالان ۾ چيو ويو ته بيگناهه قرار ڏنل جوابدارن ۾ شهروز ۽ نمرا شاهه عدالتي رمانڊ تي جيل ۾ آهن، ٻين بيگناهه قرار ڏنل جوابدارن ۾ شاهزيب، فوزيه، سعد شاهد ۽ شهباز عالم شامل آهن، ڪيس ۾ چار جوابدار گرفتار آهن جن ۾ شهريار، مسمات يسرا، نوشاد عباسي ۽ محمد سلمان شامل آهن، ڪيس ۾ ڪيس جي  فريادي سوڌو پراسيڪيوشن جي 13 شاهدن جا نالا شامل آهن، چالان موجب 26 جون 2025 تي فريادي رات ساڍا ٽي وڳي پنهنجي گهر جي گهٽي ۾ گاڏي پارڪ ڪري رهيو هو ته هڪ گاڏي اچي بيٺي جنهن مان ٻه مرد ۽ ٽي برقعو پهريل عورتون لٿيون، انهن مان هڪ ڄڻي کي ايف آءِ اي جي وردي پهريل هئي، ايف آءِ اي جو مونو گرام به لڳل هيس، جوابدار فريادي جي گهر مان 13 ڪروڙ رپيا روڪ رڪم 9 موبائل فونز  ۽ ٻه ليپ ٽاپ پاڻ سان گڏ کڻي ويا، گرفتار جوابدار شهريار ۽ يسرا پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو ۽ پنهنجي ٻين ساٿين جا نالا ٻڌايا، جاچ دوران جوابدار نوشاد ۽ محمد ارشاد به ڏوهه جو اعتراف ڪيو، جوابدار نوشاد ۽ ارشاد جي نشاندهي تي 10 لک رپيا هٿ ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.