مذهبي اسڪالر محمد علي مرزا توهين مذهب ڪيس ۾ گرفتار

جهلم (م ڊ) پوليس مذهبي اسڪالر انجنيئر محمد علي مرزا کي گرفتار ڪري ورتو، جهلم پوليس موجب انجنيئر محمد علي مرزا کي 3 ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس جيل منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب انجنيئر محمد علي مرزا خلاف مذهبي جماعتن طرفان درخواست داخل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته محمد علي مرزا کي هڪ مهيني لاءِ ڊسٽرڪٽ جيل ۾ نظربند ڪيو ويو آهي ۽ سندس اڪيڊمي کي سيل ڪري ان جي گهر ٻاهران به پوليس مقرر ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته انجنيئر محمد علي مرزا سوشل ميڊيا تي گهڻو متحرڪ آهي ۽ سندس پنهنجو يوٽيوب چينل به آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.