عوام سان نادرا عملدارن جو رويو بلڪل به صحيح ناهي:جسٽس اقبال ڪلهوڙو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ۾ زرينه نالي عورت کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ واري ڪيس بابت نادرا عملدارن خلاف توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪرڻ تي عدالت نادرا عملدارن تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته  عوام سان نادرا عملدارن جو رويو بلڪل به صحيح ناهي، نادرا ۾ ڪنهن ماڻهو جي تصديق ۽ جاچ لاءِ ڪهڙو نظام آهي؟ عدالت چيو ته نادرا وٽ شهرين کي ٽوڪن جاري ڪرڻ جو نظام ناهي؟ نادراجي نمائندي چيو ته نادرا شهرين کي پنهنجي واري لاءِ ٽوڪن جاري ڪري ٿو، عدالت چيو ته  هڪ شخص ڪم ڇڏي نادرا آفيس وڃي ٿو، نادرا وارا چون ٿا ته اسان هاڻي ماني کائي رهيا آهيون، جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي سخت ڪاوڙ جو اظهارڪندي چيو ته  انهن شهرين کي پريشان نه ڪريو، اسان نادرا وارن کي به سڏينداسين ۽ انهن کي عدالت ۾ ويهارينداسين، پوءِ انهن کي چوندا ته اهي اچن ، عدالت چيو ته اسان نادرا جي زونل بورڊ کي درخواست ڏيندڙ جي تصديق ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا درخواست ڏيندڙ جو سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي سگهجي ٿو يا نه؟ عدالت نادرا کي حڪم ڏنو ته زونل بورڊ جو اجلاس سڏائي ۽ درخواست ڏيندڙ جي تصديق ڪري.عدالت نادرا کان 15 ڏينهن اندر اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.