ڪلوئي (رپورٽ: نواز لنڊ) ڪلوئي تعلقي ۾ برساتي پاڻي جا قدرتي لنگھ بحال نه ٿيا،2 معصوم نينگر برسات جي بيٺل پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا، ڳوٺ بولو ھوٿي ۾ بشير پٽ عباس نھڙيو ۽ ڳوٺ ڄام خان لنڊ ۾ فضل لنڊ جو 5 ساله نينگر ٻڏي فوت ٿي ويو، برساتي پاڻي جي نيڪالڌ جا سمورا رستا بند ھجڻ سبب مختلف علائقن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي، شھر ۾ به ڊاڪٽر گهٽي سميت مختلف گهٽين ۾ گٽرن جا منھن کليل آهن، گندو پاڻي پڻ بيٺل آهي، مڇرن جو به آزار مچي ويو، علائقن ۾ مليريا بخار منھن ڪڍيو آهي، شهرين پاران علائقي مان پاڻي نيڪال ڪري مختلف بيمارين جي بچاءُ لاءِ قدم کڻڻ جي گهر ڪئي وئي.