حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي آبادگارن، ملڪ ۾ نون صوبن ٺاهڻ وارين ڳالهين کي رد ڪندي چيو آهي ته نوان صوبا ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪرڻ سان ملڪ ۾ انتشار پکڙجندو، سنڌ جي ورهاست ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر محمود نواز شاهه چيو ته ڀلي کڻي کير ۽ ماکيء جون نديون وهائي سون جا جبل ٺاهي ڏنا وڃن تڏهن به سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي ورهاست قبول نه ڪندا، سنڌ جو تاريخي حوالي سان وڏو پسمنظر رهيو آهي، سنڌ جو ماڻهو پنهنجي ڌرتي، درياهه، ٻولي ۽ ثقافت جي حوالي سان تمام گهڻو حساس آهي، ان ڪري ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ واري ڳالهه نه ڪئي وڃي. آئيني طور به نون صوبن جو قيام ممڪن ئي ناهي. هن چيو ته نيت صاف هجي ۽ هلائڻ وارن حڪمرانن ۾ قابليت هجي ته هي ملڪ سٺي انداز هلي سگهي ٿو ۽ ترقي به ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهيندا ته ڪم ڪرڻ وارا ۽ ملڪ هلائڻ وارا ته ماڻهو ساڳيا ئي آهن، جيڪڏهن انهن ساڳين ماڻهن ۾ لڇڻ هجي ها ته هي ملڪ سٺي طريقي سان هن وقت به هلي سگهي ٿو. هن چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ واري ڳالهه ڪندڙ ٻڌائين ته ملڪ ۾ ايترو پئسو آهي ڪٿان جو وري نيون اسيمبليون ٺهن، ڪيترائي نوان ميمبر ٿين، انهن صوبن جا وڏا وزير، صوبائي وزير، مشير ۽ ڪامورا پيدا ٿين، انهن جون آفيسون، گهر، گاڏيون اچن ۽ انهن تي کربين روپيا خرچ ٿين⸮ نئين تجربي ۾ وڌيڪ بار پوندو باقي ٿيندو ڪجهه به ڪون. حڪمرانن جي نيت صاف هجڻ گهرجي ۽ ڪم ڪرڻ جي اهليت هجي ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته آمريڪا جا مثال ڏنا وڃن ٿا، پر آمريڪا جي پکيڙ تمام وڏي آهي، آمريڪا ۾ هڪ ئي وقت 4 گهڙيال هلن ٿا، هڪ ئي ملڪ ۾ ڪٿي رات ته ڪٿي وري ڏينهن هوندو آهي، پر آمريڪا ۾ اهو نٿو چيو وڃي ته اسان وٽ 50 صوبن يا رياستن کي وڌائي اسان 5 سئو ٿا ڪريون، انهن وٽ اهڙو ڪو به مثال ۽ جواز ناهي، پر هنن ترقي ۽ ملڪ جي خوشحالي جي لاءِ پلان ترتيب ڏنو آهي سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر چيو ته سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي ورهاست يا ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ واري ڳالهه کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا، اهو ممڪن ئي ناهي ته سنڌ جي ورهاست ٿي سگهي. صوبن جي ڳالهه ڪرڻ سان حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون ۽ ان جا معيشيت تي انتهائي خراب اثر پوندا، ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني آهي، ان کي ڪير به سنڌ کان الڳ نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ملڪ کي ترقي ڏيارڻ جي لاءِ نوان تجربا ڪرڻ بجاءِ معيشيت کي بهتر ڪيو وڃي، ملڪ جي معيشيت ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو زراعت جو آهي پر هنن حڪمرانن زراعت کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي. ملڪ جي زراعت جي گروٿ وڃي ٻڙي ڏهائي پنج سيڪڙو تي پهتي آهي. ايوان زراعت سنڌ جي اڳواڻ مير عبدالڪريم ٽالپر چيو ته نون صوبن وارو شوشو انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش آهي، سنڌ ۾ ڪو به نئون صوبو سنڌ جي عوام کي قبول ناهي، ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙ ياد رکن ته سنڌ جو عوام سنڌ جي وحدت تي وار برداشت نه ڪندو، نون صوبن جون ڳالهيون ڪري اجايون نفرتون پيدا نه ڪيون وڃن. هن چيو ته ملڪ کي ترقي وٺرائڻي آهي يا وري معيشيت کي بهتر ڪرڻو آهي ته سڀ کان اڳ زراعت جي شعبي سان ڪيل زيادتين جو ازالو ڪيو وڃي.