اسلام آباد(عمران شفقت)پهرين ڏينهن کان ڳالهه هلي رهي آهي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت جي وچ ۾ جيتوڻيڪ رشتو ٺيڪ هلي رهيو آهي، پر ايندڙ ڏينهن ۾ اهو گهڻو وقت اهڙو نه رهندو، ڪا نه ڪا ڳالھه ٿيندي، ڪڏهن ٽڪراءُ ٿيندو، ڪڏهن اختلافِ راءِ ظاهر ٿيندو۔ البته اهو اختلاف عوامي سطح تي اچي، ان جا امڪان گهٽ آهن، پر جيڪڏهن اچي ٿو ته مختلف طريقن سان ظاهر ٿيندو، جيئن فيصل واوڊا يا ٻيا ڪجهه ماڻهو ڳالهيون ڪري رهيا آهن، ته لڳي ٿو ڄڻ باهه نڪري رهي هجي۔پر جيڪڏهن وزيرن جي سطح تي کليل ٽڪراءُ ٿيو ته نظام اڳتي هلائڻ مشڪل ٿي ويندو۔ اسان بار بار اهو خيال ظاهر ڪيو آهي ته نواز شريف، آصف زرداري ۽ اسٽيبلشمينٽ گذريل تجربن مان ڪجهھ سکيا هوندا ۽ شايد هاڻي هو وچ وارو رستو ڪڍي وٺن خواجه آصف عاصمه شيرازي جي پروگرام ۾ کليل انداز سان اهو سڀ ڪجهه آندو جيڪو پويان هلي رهيو آهي،عاصمه شيرازي عمران خان جي مقبوليت، هائبرڊ سسٽم ۽ ٻيا حساس سوال ڪيا،۔ ساڳئي وقت، هڪ اهم شخصيت چيو هو ته فيصلا ٿي چڪو آهي، جڏهن ته نواز شريف جي هڪ ويجهي ساٿيءَ کان نون صوبن بابت پڇيو ويو ته هن جواب ڏنو ته اهو رڳو ڪجهھ خاص ماڻهن جو خيال آهي، عوامي مطالبو ناهي۔خواجه آصف به پروگرام ۾ ساڳيو چيو ته نون صوبن جي ڳالهه غير حقيقي آهي، ان مان صاف ظاهر ٿيو ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي نون صوبن جي حمايت لاءِ تيار ناهن۔ اهو به ٿي سگهي ٿو ته نون صوبن واري ڳالهه رڳو بارگيننگ لاءِ استعمال ٿئي۔انهن قوتن جو خيال آهي ته 18هين ترميم سان صوبن کي اختيار ڏنا ويا، هاڻي ان کي ضلعي سطح تائين وٺي وڃڻ کپي۔ ڪجهه سياسي ۽ دانشور چون ٿا ته نون صوبن وارو خيال اسٽيبلشمينٽ جو پراڻو خواب آهي، جيڪو ايوب خان جي زماني کان هلندو اچي ٿو، هاڻي به رڪاوٽ سياستدان آهن، پروگرام ۾خواجا آصف عمران خان لاءِ صاف چيو ته “ڪابه معافي ناهي عمران خان جي مقبوليت جو حقيقي امتحان چونڊون آهن، انٽرويو مان اها به خبر نڪتي ته ن ليگ نون صوبن لاءِ تيار ناهي، پر جيڪڏهن مقامي حڪومتن کي وڌيڪ بااختيار بڻايو وڃي ته شايد ستاويهين ترميم ذريعي ڪو رستو نڪري اچي۔آخر ۾ خواجه آصف چيو ته نظام هلندو رهندو.